مودي ’هندوتوا‘ جي نظريي کي ڀارتي سياست جو محور بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو!

تحرير: نثار لغاري

اها حيرت ناڪ جوڳي ڳالهه آھي ته هندستان تي پهريون ڀيرو مڪمل طرح ساجي ڌر جو قبضو هوندو مودي اليڪشن کٽي رهيو آھي اهو سندس معاشي پاليسين سان گڏ سندس هندوتوا جو مذھبي نظريو به آھي  ڪانگريس پارٽي سميت ڪميونسٽ ليفٽ فرنٽ جي هوندي مودي کٽي رهيو آھي ان جو مطلب سموري دنيا ۾ ساجي ڌر جي لهر پڻ آھي جيڪا تيزي سان وڌي رهي آھي  آمريڪا ۾ ٽرمپ کٽي رهيو آھي جنهن جو مطلب هوندو سڄي دنيا ۾ جنگي جنون ۾ واڌ ۽ ڦھلاءُ هوندو.

دنيا هن وقت جيتري غير محفوظ آھي ايتري ڪڏھن نه هئي هندتوا جو نظريو به توسيع پسندي تي ٻڌل آھي جنهن جي ڪري ننڍي کنڊ ۾ ان جي پکيڙ، سان جنگي جنون ۾ واڌارو ايندو  معاشي بحران مسلسل مايوسي مذھبي جنوني نظرين جي واڌاري جو به سبب بڻجي ويندو آھي  ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ مودي جي جيت هن خطي ۾ عدم توازن پيدا ڪندي هندستاني عوام اندر سيڪيولر نظريي کي وڌو ڌڪ لڳندو اهو سماج ۾ اڳ ئي ڪمزور ٿي چڪو آھي ويتر رياستي آئيني سطح تي به ڪمزور ٿيندو ويندو  هن وقت اها ڪانگريس پارٽي توڙي هندستاني ڪميونسٽن جي عارضي طرح  وڏي ناڪامي آھي

هندو قومپرستي يا ’هندوتوا‘ جي نظريي کي وڏي عرصي تائين ڀارت جي چند حلقن تائين محدود سوچ سمجھيو ويندو هو، پر اڄ اهو آدرش ھن ملڪ جي سياست جو محور ۽ مرڪز بڻجي ويو آهي. ’هندوتوا‘ کي ڀارت جي قومي سياست جو دِل بڻائڻ ۾ سڀ کان اهم ڪردار وزير اعظم نريندر موديءَ جو آهي، جيڪو هينئر ملڪ جو سڀ کان مقبول سياسي اڳواڻ آھي ۽ گڏوگڏ ھڪ تڪراري شخصيت پڻ آهي.

حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بِي جي پِي) سان واسطو رکندڙ مودي جي سياسي فلسفي تي وڏو اثر ساڄي ڌر جي هندو قومپرست تنظيم ’راشٽريا سيوڪ سنگهه‘ يعني ’آر ايس ايس‘ جو آهي، جيڪا ذري گھٽ سو سال اڳ قائم ڪئي وئي.مودي پنھنجي جوڀن واري دور ۾ 1960 ڌاري ’آر ايس ايس‘ ۾ شامل ٿيو.

ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن مهاتما گانڌي ’هندو مسلم اتحاد‘ جو پرچار ڪري رهيو هو ته ان کان ڪجهه ڏهاڪا اڳ آر ايس ايس پوري سگھ سان ھڪ هندو رياست يا ’هندو راشٽر‘ جو نعرو ھڻي اُڀري آئي هئي.گانڌي به 1948 ۾ آر ايس ايس جي ھڪ اڳوڻي ڪارڪن جي گولي جو نشانو بڻيو ھو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏهن سالن ۾ مودي جيڪي قدم کنيا آھن، تن ۾ آر ايس ايس جي سياسي ۽ روحاني سکيا اهم ڪردار نڀايو آهي.مودي جي حڪمراني دوران ڀارت هڪ عالمي طاقت ۽ دنيا جي پنجين وڏي معيشت بڻجي ويو. ساڳئي وقت ڀارتي اقليتن خاص طور مسلمانن خلاف نفرت تي ٻڌل حملن ۾ به واڌارو ٿيو.ناقدن جو چوڻ آهي ته مودي رياست ۽ مذهب جي وچ واري ليڪي کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ٻئي پاسي ميڊيا، سياسي مخالفن ۽ عدالتن کي درپيش خدشن سبب ڀارت ۾ جمهوريت خطري ۾ آهي.

ڀارت ۾ عام چونڊون شروع ٿي ويون آهن ۽ 73 ورهن جو مودي ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي ڪرسي تي ويھڻ لاءِ چونڊ مهم هلائي رهيو آهي.مودي جا حامي توڙي مخالف ان ڳالهه تي متفق آهن ته ھن نه رڳو ھڪ ارب 40 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ ۾ هندو قومپرستي کي مقبوليت ۽ مڃتا ڏياري پر ان جي آڌار تي پنهنجي اقتدار جي طاقت پڻ وڌائي.مودي جي آتم ڪٿا جي ليکڪ نلنجن مکوپاڌيائي جو چوڻ آهي ته مودي سئو سيڪڙو آر ايس ايس جي پيداوار آهي ۽ ان جا ئي مقصد پورا ڪري رهيو آهي.

هندو اتحاد ڀارتي رياست گجرات جي شھر احمد آباد ۾ ڪيترائي نوجوان ڇوڪرا هڪ دائري ۾ ويھي آر ايس ايس پاران سھيڙيل سنسڪرت ٻولي جون ڪجهه دعائون پڙهي رهيا آهن.هڪ ڊگهو ساهه کڻي ھم آواز ٿي چون ٿا ’سمورا هندو ڀارت ماتا جا ٻار آهن، ۽ اسان پنهنجي مذهب جي بچاءُ جو وچن ڪيو آهي.‘

اٽڪل 65 سال اڳ مودي به اهڙن ئي نوجوانن ۾ شامل هيو.سندس جنم 1950 ۾ هڪ غريب گھراڻي ۾ ٿيو. آر ايس ايس سان سندس پهريون تعارف اھڙين ئي تربيتي بيٺڪن ذريعي ٿيو، جن کي ’شاکا‘ چئبو ھو. انهن ۾ نوجوانن کي ڌرم جي تعليم ۽ جسماني سکيا پڻ ڏني ويندي آهي.

مودي 1970 جي ڏهاڪي ۾ آر ايس ايس جو سرگرم ڪارڪن بڻجي چڪو هو ۽ پنهنجي سائيڪل تي تنظيم لاءِ تبليغ ڪندو ھيو.کيس آر ايس ايس ۾ آڻيندڙ امبلال ڪوشتي جو چوڻ آهي ته ان وقت تائين هندو ڪٿي به گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا هئا. اسان کين متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھيا سين.آر ايس ايس جو بنياد 1925 ۾ پيو. پنھنجي جاري ڪيل پروگرام موجب هن تنظيم جو مقصد هندن کي مضبوط ڪرڻ هيو.آر ايس ايس موجب ڀارتي تهذيب ۽ هندومت کي هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، پر ان جي ناقدن جو چوڻ آهي ته آر ايس ايس جو نظريو هندو بالادستي ۽ برتري تي ٻڌل آهي.اڄ آر ايس ايس جا ڪيترائي ننڍا گروپ ٺهي چڪا آهن.ان جي نيٽ ورڪ ۾ شاگرد ۽ هاري يونينون شامل آهن. ان سان گڏ ڪيترائي خانگي گروپ به ان نيٽ ورڪ جو حصو آهن، جن تي پرتشدد واقعن ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳا آهن، ڇو ته هن نيٽ ورڪ کي سياسي پٺڀرائي ۽ قائم رھڻ جو جواز بي جي پي وٽان ملي ٿو، جيڪا پاڻ آر ايس ايس جي فڪري پيداوار آهي.

ساڄي ڌُر جي هندو قومپرست پارٽين تي تحقيق ڪندڙ، ڪرسٽوفر جيفرلوٽ موجب مودي کان اڳ بي جي پي کي ڀارتي پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل نه هئي، پر ھاڻ بي جي پي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. اھا ڳالھ آر ايس ايس لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي.هن سال جنوري ۾ مودي بابري مسجد جي جاءِ تي ’رام مندر‘ جو افتتاح ڪيو آھي، اھو پڻ آر ايس ايس ۽ ڪروڙين هندن جو هڪ پراڻو خواب هيو.

هندستان هن دفعي ساجي ڌر جي هن وڏي غلبي مان نڪري اچي اهو هڪ وڏي حاصلات هوندي ٻي صورت ۾ ھي سمورو خطو وري مسلسل جنگي ڇڪتاڻ جي ور چڙھيل هوندو ايندڙ دور وڌيڪ ڏکيو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.