اسرائيلي فوج جي ھڪ بٽالين تي آمريڪا ڇو پابندي وجھندو ؟

آمريڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اسرائيل جي فوج  جي ھڪ بٽالين تي پابندي وجھڻ جي تياري ڪري رھيو آھي.ھي پھرين اھڙي پابندي ھوندي.

حريدي يھودي بھ يھودين جي ھڪ شاخ آھي.جن کي قدامت پسند سمجھيو وڃي ٿو.انھن مان گھڻا فوج ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندا آھن.اسرائيل جي ھر شھري لاءِ فوج ۾ مقرر وقت تائين خدمت انجام ڏيڻ جو لازمي قانون آھي.فوج ۾ شامل ٿيڻ  کان انڪار ڪندڙ حريدي يھودين جو چوڻ ھوندو آھي تھ اھي  پنهنجو وقت توريت ۽ ٻين مذهبي ڪتابن پڙهڻ ۾ گذارين ٿا.پر ڪيترائي حريدي نوجوان ان شرط تي فوجي سروس قبول ڪن ٿا ته کين فوج ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ کين مذهبي فرض پوري  ڪرڻ لاءِ گھربل وقت ڏنو ويندو.  1999ع ۾ ”ناحال حريدي“ نالي هڪ غير سرڪاري تنظيم دفاع واري وزارت جي سهڪار سان اسرائيلي فوج ۾ حريدي نوجوانن کي شامل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو. اهڙي طرح نيتزا يهودي بٽالين قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين حريدي سپاهي شامل ٿيا.

1999ع ۾ ’ناحال حريدي‘ يا ’نيتزا يهوديا‘ بٽالين، جيڪا بٽالين 97 جي نالي سان پڻ مشهور آهي، ٺاهي وئي، جيڪا 30 حريدي سپاهين تي ٻڌل هئي.

اسرائيلي فوج جي نيتزا يهودي بٽالين،  جنين ۽ راملھ  ۾ آپريشن ڪيو. 2019 ۾، هڪ عبراني اخبار رپورٽ ڪئي ھئي . اسرائيلي فوج بعد ۾ ان يونٽ کي جين علائقي  ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جنھن جو سبب انھن جون ناڪاميون ھيون.

يروشلم پوسٽ موجب، 2024 ۾ هن يونٽ غزه جنگ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. اڳوڻي اسرائيلي فوجي ڪمانڊر  موجب، ڪفير برگيڊ، جنهن ۾ نيٽزا يهودي بٽالين شامل آهي،ان  لبنان، شام ۽ غزه جي پٽي ۾ وڙهندي رھي آهي.هن وقت ان بٽالين ۾  ھڪ ھزار سپاهي آهن، جن ۾ تربيت حاصل ڪندڙ  به شامل آهن. هن يونٽ جي سپاهين کي فوج ۾ ٻه سال ۽ اٺ مهينا لازمي خدمت انجام ڏيڻي پوندي آھي.ٽائمز آف اسرائيل جي مطابق، هن يونٽ ۾ سپاهي عورت سپاهين سان رابطو نه ڪندا آهن ۽ انهن کي مذهبي فرضن  ادا ڪرڻ لاءِ اضافي وقت ڏنو ويندو آهي.

جنوري 2022 ۾، نيٽزا يهودي بٽالين جي ميمبرن تي، ھڪ فلسطيني آمريڪي  شھري 79 سالن جي عمر اسد کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳو ھو. جنهن کي هڪ فوجي چيڪ پوسٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو.عمر اسد جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته سپاهين کيس هٿڪڙيون هڻي منهن تي ڪپڙو وڌو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ ھو مئل حالت ۾ مليو.

جاچ کانپوءِ اسرائيلي فوج اعلان ڪيو ته عمر اسد جي معاملي ۾ فوجين کان غلطي ٿي وئي هئي، اسرائيلي فوج  پنھنجن  سپاهين جي ”اخلاقي ناڪامي“ قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ نيتزا يهودي بٽالين جي ڪمانڊر کي سزا ڏني وئي. جڏهن ته ڪمپني ڪمانڊر ۽ پلاٽون ڪمانڊر کي عهدن تان هٽايو ويو.پر  واقعي ۾ ملوث سپاهين خلاف جاچ کان سواءِ ئي ڪيس ختم ڪيو ويو.

2022   جي آخر ۾  آمريڪي  پرڏيھي کاتي نيٽزا يهودي بٽالين  خلاف تحقيق شروع ڪئي، جڏهن فلسطيني شهرين تي تشدد جا الزام لڳا ھئا. انهن الزامن ۾ عمر اسد جو مبينا قتل به شامل هو.

غزه ۾ جنگ جي شروعات کان وٺي، آمريڪا ٽن موقعن تي فلسطينين تي تشدد جي عمل  ڪري ان بٽالين تي انفرادي پابنديون لاڳو ڪيون آهن.

آمريڪا ۾ ان سلسلي ۾ لاڳو ڪيل ليهي ايڪٽ غيرملڪي حڪومتن جي مدد ڪرڻ کان روڪي ٿو.جن تي انساني حقن جي  ڀڃڪڙي جو الزام هجي.جيڪڏھن غيرملڪي حڪومت قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ن خلاف ڪارروائي ڪري تھ آمريڪي امداد بحال ٿي سگهي ٿي.آمريڪا پرڏيهي سيڪيورٽي فورسز جي ڪنھن يونٽ خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي ثبوت ملڻ تي پابندي لاڳو ڪري سگھي ٿو. آمريڪي حڪومت جو قانون،  تشدد، عدالت کان مٿاھون قتل، جبري گمشدگي، ريپ  وغيره کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ شامل ڪري ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.