ڪڻڪ جا آبادگارو! پاڻ کي اڪيلا نه سمجهو، اسان اوهان سان گڏ آهيون

رپورٽون آهن ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ باوجود آبادگارن کي بارداڻو نه ملي سگهيو ۽ نه ئي سڌي ريت آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪئي وئي. سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل 4 هزار روپيا في مڻ ڪڻڪ واري اگهه تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. آبادگار ٽي يا ساڍا ٽي هزار روپيا في ڪڻڪ واپارين جي حوالي ڪرڻ تي مجبور آهن. سنڌ ۾ بارداڻو اڳ ۾ ئي مخصوص ماڻهن ۽ واپارين جي حوالي ٿي چڪو آهي جنهن سبب لڳي ٿو ته 9 لک ٽن وارو هدف به سنڌ حڪومت پورو نه ڪري سگهندي. رپورٽن موجب هن سال ڪڻڪ جي آبادگارن سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان مان لڳي ٿو ته آبادگارن ايندڙ سال ڪڻڪ جو فصل نه پوکيندا. اهي به رپورٽون آهن ته هن سال به خريداري  جا مرڪز کولڻ ۾ پڻ دير ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ ڪٿي به عام هاريءَ کي بارداڻو ناهي مليو. ان مسئلي تي سڄي سنڌ ۾ آبادگارن احتجاج ڪيا آهن ۽ عدالت ۾ وڃڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو آهي.

هن اپريل مهيني ۾ عوامي آواز جو هي ٽيون ايڊيٽوريل آهي جيڪو اسان ڪڻڪ جي آبادگارن جي مسئلي تي لکي حڪومت جو اوڏنهن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اخبار ۾ وڏي تعداد ۾ روز ڪڻڪ جي آبادگارن جي احتجاجن، مظاهرن، دانهن، ڪوڪن بابت خبرون ۽ مضمون پڻ شايع ڪندا رهيا آهيون، ته جيئن سنڌ جي زراعت پاڻ کي ننڌڻڪو نه سمجهي ۽ نه ئي ڪڻڪ جا آبادگار پاڻ کي اڪيلا سمجهن. اسان ته اڃان به ايئن ٿا سمجهون ته جيئن پاڻيءَ ۾ پنهنجو پساهه آهي تيئن ئي زراعت ئي اسان جي جياپي، جو سڀ کان وڏو حوالو آهي تنهن ڪري زراعت جي مالڪي  ڪرڻ به پنهنجو اوليتن فرض آهي. هن سال جيئن ئي ڪڻڪ جو فصل لٿو آهي ته اسان جي نظر ان تي رهي آهي ۽ وقت سر حڪومت کي آگاهه ڪندا رهيا آهيون ته ڪڻڪ جو فصل ته بمپر جي مقدار ۾ لهي چڪو آهي، هاڻي سرڪار جو ڪم آهي ته اها ترت ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر ڪري، ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز کولي آبادگارن کان سٺي ۽ مناسبت اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري ۽ عام هارين کي بارداڻو مهيا ڪري ڪڻڪ جي آبادگارن جي همت افزائي ڪري ۽ اها جدوجهد ڪڻڪ جي آبادگارن سان گڏ هن ليک سميت اسان جي به لاڳيتي جاري آهي پر افسوس ته عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيل سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي آبادگارن جي گُهرجن ۽ احتجاجن جو ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ ئي تيار ناهي. ڪڻڪ جو اگهه به دير سان 4 هزار مقرر ڪيو ويو پر ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز وقت سر کولي آبادگارن جي همت افزائي جو ڪو ماحول نه سرجيو ويو نتيجي ۾ آبادگارن ويچارا پئي خراب ٿيندڙ ڪڻڪ جي نيڪالي لاءِ 4 هزار في مڻ بدران 3 هزار في مڻ تي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪري پاڻ کي نقصان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ڪٿي ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز کليا آهن به ته سفارشن تي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪئي وئي ۽ ايئن بارداڻو به سفارشن تي مخصوص ماڻهن کي ملڻ جو شڪايتون زور وٺي رهيون آهن جنهن تي آبادگارن جون تنظيمون حق تي تحريڪون  هلائي رهيون آهن ۽ عدالتن ۾ وڃڻ جو چتاءُ ڏئي رهيون آهن.

اها سڄي صورتحال ان حقيقت  جي ترجماني ڪري رهي آهي ته زراعت جيڪا اسان جي ملڪ جي جياپي جي سڀ کان وڏي طاقت آهي تنهن کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي جنهن جو المياتي نتيجو اهو نڪري رهيو آهي ته زارعت ۾ ڪنهن دور ۾ خود ڪفيل رهندڙ هي ملڪ اڄ ڪڻڪ، چانور ۽ کنڊ وغيره ٻاهرين ملڪن مان خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. ان جو ٻيو المياتي ۽ انتهائي ڳڻي جوڳو پاسو اهو آهي ته اها کوٽ اسان پاڻ ئي پيدا ڪري رهيا آهيون يعني پنهنجي ئي ملڪ جي ڪڻڪ، چانور ۽ کنڊ وغيره ٻين ملڪن کي وڪرو ڪري وري انهن کان ئي اسان خريد ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته اسان جو ملڪ، زراعت، فشريز، لائيواسٽاڪ، معدنيات وغيره ۾ مالا مال آهي اسان جون زمينون سراپا سون آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي فطري خزانن جو قدر ڪريون ۽ انهن مان فائدو وٺون ته اسان جو ملڪ جيڪر امير ترين ملڪن ۽ اسان جو عوام خوشحال تيرن عوام مان هڪ هجي پر اسان جي حڪومتن جي غير سنجيدگي ۽ نااهلي جو اهو نتيجو آهي جو فطري طور امير ترين ملڪ هئڻ باوجود اسان جو ملڪ ٻاهرين ملڪن کان پڻ امداد ۽ قرض وٺڻ تي مجبور آهي.

زراعت به هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن کي اسان جي حڪومتن جي غير سنجيدگي ۽ نااهليءَ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪڻڪ جي بمپر فصل لهڻ باوجود ڪڻڪ جا آبادگار آخر ڇو احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن کي ته سرهائي ٿيڻ گهرجي ته هن سال سندن سٺو فصل لٿو آهي پر اها حڪومت جي ناقص پاليسي آهي جيڪا ڪڻڪ جي آبادگارن کي سٺي فصل لهڻ باوجود  مالي طور هاڃو رسائي رهي آهي ۽ سندن حوصلا شڪني ڪري رهي آهي. ڄڻ کين ايندڙ سال ڪڻڪ جو فصل نه پوکڻ جو ماحول ڏيندي هجي. ڇا ڪنهن به حڪومت کي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ سونهين ٿو. حڪومت کي ته اصولي طور تي ڪڻڪ جي آبادگارن کي بمپر فصل لهڻ تي انعام ڏيڻ گهرجن، مبارڪبادون ڏيڻ گهرجن ۽ ايندڙ سال اڃا سٺو فصل لاهڻ لاءِ سندن ڀرپور همت افزائي ڪرڻ گهرجي جيئن سنڌ جي زراعت  ماضي وانگر شاهوڪاري جو ڏيک ڏئي ۽ ايترو فصل لهي جو سنڌ جو عوام پاڻ به کائي ۽ دنيا کي وڪرو ڪري ڪمائي ته تڏهن به کٽي نه سگهي.

سنڌ حڪومت کي اصل ۾ اهڙو ٽارگيٽ طئي ڪرڻ گهرجي پر اها ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهي آهي. اها ايندڙ سال هن سال کان به وڌيڪ ڪڻڪ جو فصل پيدا ڪرڻ جي ڪا رٿابندي ڪرڻ بدران مخصوص واپارين  کي بارداڻو ڏئي ڪري ايندڙ سال ڪڻڪ جو گهٽ فصل ڪرائڻ جو انتظام ڪري رهي آهي جنهن خلاف به سنڌ جا آبادگار ۽ هاري سراپا احتجاج آهن.

اسان جي سنڌ حڪومت کي تجويز آهي ته اها فوري طور تي احتجاج ڪندڙ سنڌ جي آبادگارن تنظيمن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري سندن گهرجن کي ٻڌي ۽ آبادگارن ۽ واپارين کي پاڻ ۾ ويهاري ڳالهيون ڪرائي ڪنهن معاهدي تي پهچڻ جو انتظام ڪري ته جيئن ڪنهن جو به نقصان نه ٿئي ۽ گڏيل صلاح سان سنڌ جي زراعت ، ڪڻڪ جي آبادگارن، هارين ۽ واپارين جو ڀلو ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.