سولر پئنل جي استعمال تي ٽئڪس لڳائڻ جي تجويز، حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاور ڊويزن سولر پاور تي فڪسڊ ٽئڪس لڳائڻ وارين خبرن جي تريد ڪري ڇڏي.
پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي يا پاور ڊويزن حڪومت کي اهڙي ڪا به سمري ناهي موڪلي، سرنديءَ وارا حد کان وڌيڪ سولر پئنل لڳائي رهيا آهن.
پڌرائي موجب، گهريلو ۽ صنعتي واهپيدارن سميت حڪومت کي به سبسڊي جي صورت ۾ هڪ رپئي 90 پئسن جو بار برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان نتيجي ۾ اٽڪل اڍائي کان ٽي ڪروڙ غريب واهپيدارن متاثر ٿي رهيا آهن.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اِهو هڪ رپيو 90 پئسا غريبن جي کيسي مان نڪري وچين ۽ امير طبقي جي کيسن ۾ وڃي رهيا آهن، سلسلو ائين ئي جاري رهيو آهي ته غريب واهپيدارن جي بلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏهائي 25 رپيا في يونٽ جو وڌيڪ اضافو ٿيندو.
پڌرائي موجب، 2017ع جي نيٽ ميٽرنگ پاليسي جو مقصد سسٽم ۾ متبادل توانائي کي هٿي ڏيڻ هو پر 2017ع کانپوءِ سولرائزيشن ۾ تمام گهڻي تيزيءَ سان واڌارو ٿيو، انڪري هاڻ نوان اگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پاور ڊويزن جو چوڻ اهي ته اهڙيون تجويزن ۽ ترميمن تي غور ڪري رهيا آهيون جنهن ذريعي غريب کي وڌيڪ بار کان بچائي سگهجي ٿي، جڏهن ته ڏيڍ کان ٻه لک نيٽ ميٽرنگ وارن واهپيدارن جي سيڙپڪاري کي تحفظ ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.