هڪڙا هوندا آهن مُلڪي مسئلا، ٻيا هوندا آهن صوبائي مسئلا ۽ ٽيان هوندا آهنمڪاني مسئلا. گڊ گورننس چئبو ئي ان کي آهي ته انهن ٽنهي نظامن جا مسئلا بهتر نموني حل ڪجن پر جيڪڏهن ٽئي نظام اسان کي درست رخ ۾ هلندي نظر نه اچن ۽ ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندا رهن ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ملڪ اندر بيڊ گورننس جو راڄ آهي.
سو حڪمرانن کان اهو سوال پڇجي ٿو ته حڪومت جنهن جي بنيادي ڊيوٽي عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ هجي سا ان معيار تي پورو لهي ٿي، ڇا عوام کي بنيادي حق ۽ سهولتون مليل آهن، ڇا ملڪ اندر آئين ۽ قانون جي بالادستي آهي ڇا صوبن کي خود مختياري مليل آهي ڇا ملڪ اندر بجلي، گيس ۽ پيئڻ جي پاڻي جو ڪو بحران ناهي، ڇا ملڪ اندر غربت ۽ مهانگائي ڏينهون ڏينهن ختم ٿي رهي آهي يا وڌي رهي آهي، ايئن بيروزگاري ختم ٿيندي پئي وڃي يا وقت سان وڌندي رهي ٿي، ڇا عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون سٺي نموني مليل آهن، مجموعي طور ڏسجي ته ان جو جواب ”نه“ ۾ ملندو ۽ جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اهو سمجهيو ويندو ته ملڪي ۽ صوبائي حڪومتي نظام خاص طور تي حڪومتي سطح تي ناڪام آهي.
اسان جو اهو خيال آهي ته اسان جي ملڪ جي پوءِ وفاقي هجي، صوبائي حڪومت هجي يا مڪاني نظام هجي سڀ ناقص آهن. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته وقت سان ۽ ملڪ جي عمر جيئن وڌندي وڃي ٿي تيئن ان جو حڪومتي نظام مضبوط کان مضبوط ٿيڻ بدران ڪمزور کان ڪمزور ئي ٿيندو ٿو وڃي. ايئن ڇو آهي؟ اهو سوال بظاهر جيڏو وڏو ۽ پيچيده آهي ته ان جو جواب ملڻ ۾ وري اوهان کي هڪ منٽ به نه لڳندو. اسان جو خيال آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته هن ملڪ جو جيڪو به ايئن آهي، قانون آهي تنهن تي ملڪ نٿو هلي جنهن ڪري هن ملڪ جو هر قسم جو نظام تباهه ۽ برباد آهي. پهرين ڏينهن کان هن ملڪ کي هلائڻ جون واڳون غير جمهوري طاقتن پنهنجي هٿ ۾ کنيون ۽ انهن جي لاڳيتي مداخلت ملڪ کي سنيئين دڳ نه لاتو. اهي غير جمهوري طاقتن ئي آهن جن ملڪي عدالتن کان به نظريه ضرورت تحت پنهنجي حق ۾ فيصلا ڏياري ملڪ کي ڪمزور کان ڪمزور پئي ڪيو آهي.
سو اهو طئي آهي ته دنيا اندر اهي ملڪ ۽ حڪومتون ڪامياب رهيون آهن جيڪي ايئن ۽ قانون جي روح تحت هليون آهن. هن ملڪ جي اها ڪيڏي نه بدقسمتي آهي ته هي ملڪ جنهن 1940ع واري ٺهراءُ تي ٺهيو تنهن کي ملڪ جو ايئن نه بڻايو ويو. جيڪڏهن هن ملڪ کي 1940ع جي ٺهراءُ جي روح تحت ايئني شڪل ڏئي هلايو وڃي ها ۽ ان تحت ملڪ جي صوبن کي اسٽيٽ جو درجو ملي ها، قومي خودمختاري ملي ها ته هي ملڪ ترقي جي شاهرائن تي هجي ها پر جيڪڏهن هاڻي به هي ملڪ 1973ع جي ايئن تحت هلي ٿو ته پوءِ به مڪمل طور تي ان جي روح مطابق نٿو هلايو وڃي. هن ملڪ جي صورتحال ايئن آهي جيئن ملڪ اندر ڪيتريون ئي عدالتون هلي رهيون آهن. هڪ عدالت سپريم ڪورٽ واري آهي، ٻي عدالت وفاقي ايئني عدالت واري آهي جيڪا 27 هين ترميم ذريعي ٺاهي وئي آهي، ٽين ايئن کان مٿانيهن عدالت آهي ۽ چوٿين جرڳا ڪندڙ قبيلائي عدالتون آهن. هن ملڪ کي ڪو هڪ ايئن نٿو هلائي پر ڪيترائي ايئن ۽ دستور آهن جيڪي ظاهر به آهن ته لڪيل به آهن.
هاڻي جنهن ملڪ جي اسان اوهان کي هيءَ لفظي تصوير ڏيکاري آهي تنهن مان اها ڪيئن ٿي توقع ڪري سگهجي ته اهو ملڪ درست طريقي سان هلندو ۽ ملڪ توڙي عوام ترقي ڪندو. هتي عوامي سطح تي اهو تاثر آهي ته جيڪو به غلط ڪيو ويندو آهي ته اهو چيو ويندو آهي ته پاڪستان ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. سو جيستايئن رياست ملڪ کي درست رخ ۾ هلائڻ ۾ سنجيده نه ٿيندي ۽ 78 ورهين جي تلخ تجربن مان نه سکندي ۽ ڪيل غلطين جو ازالو نه ڪندي تيستايئن ملڪ ۽ عوام جي بهتري ۽ خوشحالي جو ڪو امڪان ناهي. بهرحال ملڪ جي حڪومتي نظام جي تباهي جا سبب ڪهڙا به هجن، پس منظر ڇا به هجي ظاهري طور تي ان جي ذميوار هر دور جي حڪومت ئي آهي.
اسان جو سوال به وفاقي ۽ صوبائي حڪمرانن کان آهي ته اهي گڊ گورننس ڇو قائم نه ڪري سگهيا آهن. اسان کي ته ايئن به لڳندو آهي ته ڄڻ گڊ گورننس قائم ڪرڻ اڄ جي حڪمرانن جو آدرش ئي ناهي رهيو بس صرف ۽ صرف اقتدار سان چنبڙڻو آهي ۽ اقتدار لاءِ جانيون ڏبيون، جنگيون ڪبيون، جهيڙا ۽ تڪرار ڪبا پر سٺي حڪومت ڪرڻ تي جان نه ڏبي. اسان جو خيال آهي ته ڀلي پنج ڏينهن ئي حڪومت ڪريو پر اها ايئن ۽ قانون جي بالادستي سان ڪريو يا نه ڪريو. اسان ته ايئن به سمجهندا آهيون ته جنهن ماڻهوءَ کي به ننڍو يا وڏو عهدو ملي، ڪنهن تنظيم جو سربراهه ٿئي، حڪومت ڪري ته ان کي اهو ڪم اهو عهدو يا اها حڪومت ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته کيس تاريخ پنهنجي تاريخ ٺاهڻ لاءِ اهو موقعو ڏنو آهي. پر افسوس ته اهو آدرش به هاڻي ناهي رهيو.
بهرحال اسان هن ملڪ کي اڄ جنهن حالت ۾ ڏسون ٿا ته ان جو ذميوار هر دور جي حڪمرانن خاص ڪري غير جمهوري طاقتن کي سمجهون ٿا ۽ الميو اهو آهي ته تلخ ترين تجربن مان سکڻ بدران اڃان به ساڳيا غلط فيصلا ورجائڻ جو رجحان زور پڪڙيندو ٿو وڃي سو پري پري تايئن پاڻکي سڌارڻ ۽ ملڪ کي سنئين دڳ تي لائڻ جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي ته پوءِ ملڪ اندر بهتري ڪيئن ايندي ۽ عوام ڪيئن خوشحال ٿيندو، پنهنجو اهو سوال ملڪ جي حڪمرانن کان آهي.