اسلام آباد/تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي جي اليڪٽرانڪ صحيحن واري تقريب بابت ٻه مختلف موقف سامهون آيا آهن.
هڪ پاسي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته صحيحن واري تقريب آچر تي ٿيندي، جڏهن ته ايران جو چوڻ آهي ته وقت جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو.
پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادا فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
بيان موجب، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي صحيحن واري تقريب آچر تي ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي عملدارن اميد ظاهر ڪئي ته هي اهم اڳڀرائي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف به اميد ظاهر ڪئي هئي ته امن معاهدو ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر طئي ٿي ويندو.
ٻئي پاسي ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان معاهدي تي صحيحن جي وقت بابت فيصلو اڃا ناهي ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته اسان کي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن درست وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو.
هن واضح ڪيو ته امن معاهدي تي صحيحون آچر تي نه ٿينديون، پر ايندڙ ڏينهن ۾ ان جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.
اسماعيل بقائي ٻي ڌر جي غير مستقل مزاجي جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان کي اهڙي عمل بابت بيان ڏيڻ وقت محتاط رهڻ گهرجي.
ياد رهي ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي به اڳ ۾ تصديق ڪري چڪو آهي ته معاهدي تي اليڪٽرانڪ صحيحون ڪيون وينديون.
امن معاهدي تي صحيحن بابت پاڪستان ۽ ايران جا بيان هڪ ٻئي کان مختلف، معاملو ڇا آهي؟
You might also like