منهنجي هٿن ۾ ھڪڙو ڪتاب آهي، ھي رڳو ڪاغذن ۽ لفظن جو مجموعو ناهي، پر ان شخص جي روح جي پچار آهي، جيڪو مون کي زندگيءَ جهڙو شخص ڀاسندو هو.”ڀيڄ ڀني ڀاڻان“ ھو اوچتو اسان کان ھميشه لاءِ رُسي ويو هو. هيءُ ڪتاب هڪ ونيءَ جو پنهنجي محبوب ور لاءِ سهيڙيل پيار جو ڳُٽڪو آهي، ھڪ ڌيءُ جي پيءُ لاءِ عقيدت ڀري ارپنا آهي.
ھيءُ ڪتاب ڄڻ ته ان شخص جي آتم ڪهاڻي آهي، جا سندس دوستن، ساٿين، شاگردن، گهر ڀاتين ۽ مٽن مائٽن گڏجي لکي آھي. ڀائو زلف جي زندگيءَ جا ڪيئي حوالا هن ڪتاب ۾ ائين سمايل آهن،
ھو نج ڳوٺاڻو ماڻهو هو، جنهن کي ڪير سياسي ڪارڪن طور سڃاڻي ٿو ته ڪير کيس موسيقيءَ جو ديوانو ڪوٺي ٿو، ڪي کيس سنڌي صحافت جي چند جينيس دماغن مان هڪ مڃين ٿا، پر منهنجي لاءِ هو هڪ انتهائي حساس ماڻهو هو، هو شاعريءَ جو عاشق هو، پاڻ به شاعري ڪندو هو، ھو فطرت جي ويجهو اُسريو ھو ۽ پنهنجي آخري پساهن تائين فطري ماڻهپي جو محور بڻيل رهيو.
ٻلهڙيجي سنڌي ڳوٺاڻي سماج جو نَڪُ آھي، جتي شاعر، اديب، صحافي، سياستدان، صوفي، لاھوتي، ڏاھا ۽ ڏاڍا جهجهي مقدار ۾ ھڪ ئي ھنڌ ملندا. اھا ٻلهڙيجي جا انٽرنيشنل لسٽ سياست کان قومي سياست جو ڳڙهه رھي آھي جتي ماسڪو جا متوالا به ھئا ته سن جا واھرو به رھن ٿا، ڀائو زلف ان ٻلهڙيجيءَ ۾ جنم ورتو ھو، ھن جو ٻاروتڻ ان ڳوٺ ۾ گذريو ھو. سنڌوءَ نديءَ ۽ تهذيبن جي بنياد وجهندڙ شهر موھن جي جي ڀر ۾ موجود اھو ڳوٺ، جتي ٻيلا، ميلا ۽ رنگ ريلا ھئا، فطرت جي حسن منظرن ساڻ سينگاريل اھو ڳوٺ جتي ھن شرارتون به ڪيون ۽ محبتون به ڪيون، پنهنجي جنم ڀوميءَ بابت ھڪ ھنڌ لکيو اٿائين ته:
ڳوٺ جي ڳالهه ڪهڙي ڪيان؟
نظارا ھا نوانوي!
شايد ھاڻي نوَ ڳڻائي سگهان،
نمورين جي ٻور سان،
نم جون ٽاريون نويل،
ڪنڊين، سڱرين جون نميل ٽاريون،
ڳوٺ ڀر ۾،
جو ننڍڙو ٻيلو ھيو،
لئيُن ۾ ھا، ڪونگو تارا
منجهند ٽاڪ جو،
جتي لڪي ۽ ڇُپي مليا ھاسين
ڪنهن جي کڙڪي ٿيڻ تي ڀڳا ھاسين
سرنهن پولار ۾ گم ٿياسين…
نه ڪارو ڪاري ٿياسين
نه وري ملڻ کان ئي مڙياسين…
ٻلهڙيجي ۾ شروعاتي پڙھائي کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ھو پنهنجي سماجوادي/آرٽسٽ پيءُ سان گڏ ڪراچي آيو، کيس تاريخي اين جي وي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، پڙھائي ۽ روزگار سانگي جيون جو وڏو حصو ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ گهارڻ باوجود سندس سڀاءُ موهن جي دڙي جي ماڻهن جيان قديم ۽ شانت رهيو.
هن ڪتاب جا صفحا پلٽيندي ائين لڳي ٿو، ڄڻ وقت پٺتي موٽ کائيندو هجي، انقلابي رومانس جا گيت ڪنن ۾ ٻرڻ لڳن ٿا ۽ مان به ڀائو سان گڏ پاڻ کي انهن محفلن ۾ ويٺل محسوس ڪيان ٿو، مان محسوس ڪيان ٿو ته ھن جي سادين سٽن ۾ چاھنا جي چاشني کي:
نِم جي ٻور جيئان ڇڻين پئون ٻئي،
اِنهيءَ کان اڳي،
چنڊ چوٽيءَ چڙھي،
نم جي ٻور جيئان ڇڻين پئون ٻئي…
ھن جو سياسي تعلق کاٻي ڌر سان ھو، ضيائي مارشل لا ۾ ٻه ڀيرا جيل ويو، ان بابت حسن مجتبيٰ ھن ڪتاب ۾ لکيو آھي ته: ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو سڏيو ويو، اِنهيءَ ڳالهه تي مون کي حيرت ٿي ٿئي ته ڇا موھن جي دڙي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي پاڙي ۾ شاهه جمال جي درگاهه واري شاهه لطيف جي ھر ڪوئي حافظ ڳوٺڙي ۾ آخر ڪهڙي ڪمي ھئي جو ان کي ھڪ نظرياتي مخالف قربان بگٽي پاران طنز ۾ ڏنل لقب ڳچيءَ جو ھار ڪري پاتو ويو….!
اڳتي لکي ٿو ته: سٺو ٿيو روس ٽٽي ويو، صحافت کي، اين جي اوز صوفي درگاهن ۽ اوتارن کي ڪلهه جي ڪامريڊ سڱن تي کنيو، پر زلف جهڙي آڌوتي اڙٻنگ پنهنجي ساڃهه، صحافت جو سفر جاري رکيو. پر اقبال ملاح لکي ٿو ته: توڻي جو سياسي سرگرمين کان پاسيرو ٿيڻ کانپوءِ زلف صحافت سان سلهاڙيل رھيو، پر اتي به سندس ڪم جو بنياد اھو نظريو، سوچ ۽ فڪر رھيا.
ڀائو صحافت کي الڳ سڃاڻ ڏني ھئي، جنهن سماج ۾ اسان رھون پيا اتي اڪثريت جي نظر ۾ صحافت ھڪ پُرڪشش پيشو آھي، جتي شارٽ ڪٽ، چاپ لوسي، خبر ليڪ ڪرڻ جي ڌمڪين يا دٻائڻ جي ڀاڙ عيوض محل ماڙيون کڙيون ڪيون وڃن ٿيون، اتي ڀائو زلف زندگيءَ جا چار ڏهاڪا صحافت کي ارپيا ھئا، پر صحافت ھن لاءِ ڌنڌو نه ڌرم ھئي، ھن پيشي کي ھُن پئسي ٺاھڻ جي مشين نه بڻايو، ھن ھڪ ڀرپور آدرش وادي زندگي گذاري ۽ چيو:
زندگيءَ جو سڳو،
ويو سرڪندو
ھا! سرڪندو …
هي ڪتاب ان پيڙا مان جنم ورتو آهي، جيڪا ڪنهن جي وڇوڙي کانپوءِ امان خالدا ۽ سندس ٻارن ڀوڳي آهي، هوءَ ان سڄي اذيت مان بهادريءَ سان پار پيا آھن، ڇو ته ڀائو ئي سندن سهارو ۽ آٿت هو. ھن ڪتاب جي تياريءَ واري مرحلي دوران منهنجي ڀاءُ زلف جي نياڻي ڪامريڊ ورثا سان ڳالهه ٻول ٿيندي رھندي ھئي، مان سمجهي سگهان ٿو ڪتاب ڇپائڻ ڪيڏو جوکم وارو ڪم آھي، ھوءَ ٽن مختلف ھنڌن تي نوڪري ڪري ٿي، ان باوجود ھن پاڻ ھڪ ھڪ مضمون ڪمپوز ۽ پروف ڪري ڪتاب تيار ڪيو ھو، شاگرد اڳواڻ ۽ ليکڪ شهباز پيرزادي شيخ اياز جي سٽن مان ڪتاب جو عنوان چونڊيو. پر ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سفر به ڪنهن جدوجهد کان گهٽ نه هو، پبلشرن جي بي حسيءَ جا ڪيترائي تجربا ڪرڻ کانپوءِ، نيٺ هي ڪتاب ’وديا پبليڪيشن‘ جي معرفت پڙهندڙن تائين پهتو آهي.
جڏھن امان خالدا پنهنجي هٿ اکرن سان لکيل ھن ڪتاب جي ڪاپي ڪامريڊ ورثا ھٿان موڪلي تڏهن محسوس ٿيو ته ڀائو زلف هن ڪتاب جي صورت ۾ وري موٽي آيو آھي. ھتي رڳو ماضيءَ جي ورقن کي ڦلهوڙيو ناهي ويو، پر ھڪ ڀرپور جيون ۾ جهاتي پاتي ويئي آھي، ھي ڀائو زلف جي اڻکٽ سارن جو مجموعو آهي، ھيءَ ھڪ اھڙي شخص کي ٽربيوٽ آھي، جنهن سڄي زندگي جاڳ جاکوڙ ۾ گذاري ۽ ھڪ ڏينهن مڙني ذميوارين کان آجو ٿي، ڊگهو ٿَڪُ ڀڃڻ لاءِ پنهنجي جنم ڀوميءَ موھن جي دڙي جي مٽيءَ ڏانهن موٽي ويو.
شال سڀاڻي جهول ڀَري،
جي به لريءَ لوچي ويا،
تن کي ڪوئي ياد ڪري…