سنڌ ۾ 40 لک کان وڌيڪ ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر، صنفي برابري بابت رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صنفي برابري بابت رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته صوبي ۾ 40 لک 80 هزار کان وڌيڪ ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن.
سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب، صوبي جي پهرين صنفي برابري بابت رپورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪئي وئي.
ترجمان ٻڌايو ته مراد علي شاهه سنڌ ۾ صنفي برابري لاءِ سڌارن جو فيصلو ڪندي عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪجهڙا موقعا يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته صنفي برابري پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي ترقياتي ايجنڊا جو اهم حصو آهي، جڏهن ته جينڊر پيريٽي رپورٽ پاليسي سازي ۽ وسيلن جي ورڇ ۾ رهنمائي فراهم ڪندي.
صنفي برابري رپورٽ موجب، سنڌ ۾ مردن جي خواندگي جي شرح 68 سيڪڙو، عورتن جي خواندگي جي شرح 47 سيڪڙو، جڏهن ته ٻهراڙي واري سنڌ ۾ عورتن جي خواندگي جي شرح رڳو 27.52 سيڪڙو آهي.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 40 لک 80 هزار کان وڌيڪ ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته 5 کان 16 سالن جي لکين ڇوڪرين جو تعليم کان محروم هجڻ ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ داخلا ۽ تعليم لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ويو آهي ته صوبي جي تعليمي شعبي ۾ صنفي فرق اڃا تائين وڏو چئلينج آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ويم دوران عورتن جي فوت ٿيڻ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي هڪ لک ڪيسن ۾ ويم دوران فوتگيون 314 مان گهٽجي 224 ٿي ويون آهن.
سنڌ ۾ صحت لاءِ رکيل بجيٽ ۾ مسلسل واڌ کي پڻ بهتر قدم قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته صنفي تشدد جي واقعن ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ سنڌ ۾ عورت ووٽرن جي رجسٽريشن هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته صوبي ۾ عورتن جي ملازمتن جو انگ 24 لک 80 هزار مان وڌي 33 لک 20 هزار ٿي ويو آهي.
سنڌ ۾ عورتن جي افرادي قوت ۾ شرڪت 43.8 سيڪڙو مان وڌي 46.2 سيڪڙو ٿي وئي آهي، پر عورتن جي معاشي شرڪت ۾ بهتري باوجود رنڊڪون اڃا برقرار آهن.
رپورٽ موجب، سنڌ ۾ عورتن لاءِ باعزت روزگار تائين رسائي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڊجيٽل سهولتن تائين محدود رسائي عورتن جي معاشي شرڪت ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.
ترجمان ٻڌايو ته وڏي وزير عورتن کي مالي شموليت، هنر ۽ ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندي کاتن کي جينڊر پيريٽي رپورٽ جي روشني ۾ پاليسيون جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي کاتا صنفي بنياد تي الڳ انگ اکرن جو نظام وڌيڪ مضبوط بڻائين.

You might also like