ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سعودي حڪومت کي پيغام ڏيان ٿو ته حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ هر پاڪستاني اوهان سان گڏ آهي.
ڪراچي ۾ ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 52 سال اڳ قومي اسيمبلي متفقه طور احمدي ۽ لاهوري قرار ڏيندڙن کي غير مسلم قرار ڏنو، جڏهن ته قومي اسيمبلي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪئي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته عالمي طاقتن ۽ پاڪستان جي سگهارين کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان جيڪو سبق اسان کي پڙهائڻ چاهيو ٿا، اهو اسان کي قبول ناهي. اسان اوهان جي پاڻمرادو جوڙيل ايجنڊا ۽ مقصدن کان چڱيءَ ريت واقف آهيون.
هن چيو ته پاڪستان کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي سرحدن ۽ نظرين جو تحفظ ڪرڻو آهي، جڏهن ته هتي عنوان ڪجهه ٻيو هوندو آهي ۽ ايجنڊا ڪجهه ٻي هوندي آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته عالمي جنگين ۾ هزارين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، آمريڪا افغانستان ۾ جنگ هارائي ويو، سوين فلسطيني شهيد ڪيا ويا، اسرائيل ناجائز رياست آهي، آمريڪا ايران تي حملو ڪيو ۽ يمن طرفان سعودي عرب تي حملا ڪيا ويا.
سندس چوڻ هو ته سعودي حڪومت کي پيغام ڏيان ٿو ته حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ هر پاڪستاني اوهان سان گڏ آهي.
حڪمرانن کي آمريڪا ۽ يورپ جي نوڪري ڪرڻي آهي يا پنهنجي ملڪ جي، کين هڪ ئي نوڪري ڪرڻ گهرجي.
ان کانسواءِ مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جا ڪجهه دوست مهانگائي خلاف ڌرڻا ڏين ٿا ۽ حڪومت سان ڳالهيون ڪن ٿا، پر مهانگائي وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. عوام هٿ ٻڌي چوي ٿو ته اوهان اهي ڌرڻا بند ڪري ڇڏيو.
You might also like