واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر سندس خيال ۾ ايران اڃا معاهدي لاءِ تيار ناهي.
هڪ انٽرويو دوران آمريڪي صدر چيو ته ”اسان اهڙو معاهدو ڪنداسين، جيڪو اسان لاءِ بهتر هجي، ٻي صورت ۾ نه ڪنداسين.“
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا تهران جي ايٽمي ميزائل ٺاهڻ جي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي آهي.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو اها دعويٰ ورجائي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو نه ڪري ها ته ايران ايٽمي بم ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها.
آمريڪي صدر وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ايران آرام سان جوهري هٿيار استعمال ڪري ها.
سندس چوڻ هو ته ايران هن وقت صفا هيڻي پوزيشن ۾ آهي ۽ آبناءِ هُرمُز تي اسان جو ڪنٽرول آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته روز رات جو سامونڊي جهازن کي آبناءِ هُرمُز مان گذاريو پيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ”انهن (ايرانين) کي خبر هوندي آهي، پر هو ڪجهه ڏسي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته اسان انهن جا ريڊار تباهه ڪري ڇڏيا آهن.“
ايران صفا هيڻو ۽ آبناءِ هرمز آمريڪا جو ڪنٽرول آهي، روز رات جو هتان سامونڊي جهاز گذرن ٿا: ڊونلڊ ٽرمپ
You might also like