ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي ۽ ليکڪ اشفاق آذر چيو آهي ته بنگالين چيو ته بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي بڻايو، چيائون ”نه، آخري حد تائين وينداسين“، هاڻي سنڌي چون ٿا ته نوان صوبا نه ٺاهيو، گورننس بهتر ڪيو، چيائون ”نه، آخري حد تائين وينداسين“.
فيسبڪ تي ڪيل پوسٽ ۾ اشفاق آذر ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته بنگالين چيو ته وسيلن جي ورڇ برابري جي بنياد تي ڪئي وڃي، چيائون ”نه، آخري حد تائين وينداسين“.
هن لکيو ته بنگالين چيو ته ڪنفيڊريشن ٺاهي ٿا وٺون، چيائون ”نه، آخري حد تائين وينداسين“. بنگالين چيو ته چونڊن جا نتيجا تسليم ڪري اقتدار حوالي ڪيو وڃي، چيائون ”نه، آخري حد تائين وينداسين“، پوءِ آخري حد اچي وئي.
هن چيو ته هاڻ سنڌي چون ٿا ته نوان صوبا نه ٺاهيو، گورننس بهتر ڪيو، چيائون ”نه، آخري حد تائين وينداسين“.
بنگالين جون ڳالهيون نه مڃيون ويون، ”پوءِ آخري حد اچي وئي“، هاڻي سنڌي به چون ٿا نوان صوبا نه ٺاهيو: اشفاق آذر
You might also like