”سياست پنهنجي جاءِ تي پر پاڪستان آهي ته اسان آهيون“ وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاقِ جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽي ڏينهن اڳ 22 جوان شهيد ٿيا، آفيسر ۽ جوان پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري وڃن ٿا ۽ ڪروڙين عوام جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائين ٿا.
وزيراعظم زور ڏيندي چيو ته اسان کي انهن قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي، انهن جي تڪريم ڪرڻ گهرجي، شهيدن جي ننڍڙن ٻارن کي خبر ناهي ته سندن پـِيئَـرَ شهيد ٿي چڪا آهن.
شهباز شريف اپوزيشن کي دعوت ڏيندي چيو ته اچو، ميثاقِ معيشت ۽ ميثاقِ جمهوريت طرف وڌون، اپوزيشن کي اڄ به چوان ٿو ته اچو، ويهون، سياست پنهنجي پنهنجي، ويزن پنهنجو پنهنجو، خيال پنهنجا پنهنجا پر پاڪستان آهي ته اسان آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته چئني صوبن جي هڪجهڙي ترقي وزيراعظم طور منهنجي ذميواري آهي. ميثاقِ جمهوريت لاءِ مون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چيو آهي، پاڪستان لاءِ جيڪا به قرباني ڏني وڃي اها گهٽ آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته صوبي جا معاشي وسيلا سندن حق آهن، ان ۾ ڪو اختلاف ناهي.
سندس چوڻ هو ته ريڪوڊڪ جي مثال وٺو، ان جو معاهدو پڙهي وٺو، ريڪوڊڪ تي بلوچستان جي عوام جا شيئرز روشن مثال آهن، بلوچستان جي عوام جا شيئرز لڪيل راز ناهن، سڀني جي سامهون آهن.
شهباز شريف موجب، 2010 جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو شيئر 100 سيڪڙو وڌايو ويو، اهو احسان ناهي، بلوچستان پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، هتي غيرتمند ۽ دلير عوام آهي، بلوچستان لاءِ پنجاب ۽ سنڌ ڪنٽريبيوٽ ڪيو، بلوچستان ۾ آبادگارن کي 75 ارب رپين جي لاڳت سان سولر پينلز ڏنا ويا.
هن ٻڌايو ته گوادر کان چمن تائين روڊ بڻجي رهيو آهي جيڪو هاءِ وي جي معيار مطابق آهي ۽ ان شاهراهه جي اڏاوت تي 300 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.