ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ وري هزارين رپيا وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 6900 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 60 هزار 336 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙيءَ ريت 10 گرام سون جي اگهه ۾ به 5914 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ 10 گرام سون 3 لک 94 هزار 663 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
You might also like