اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان 17 سيپٽمبر تي باب المندب آبناءِ جي چوڌاري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي غير معمولي طور تي سنگين قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته حوثي تڪرار جو حل زبردستي جي قدمن بدران ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته باب المندب جي صورتحال غير معمولي حد تائين سنگين ۽ ڳڻتي جوڳي آهي، اسان کي سڄي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اسلام آباد کي هن تڪرار سبب علائقائي استحڪام ۽ سامونڊي سلامتي کي خطرن تي ڳڻتي آهي.
سندس چوڻ هو ته حوثين کي به پنهنجون سرگرميون بند ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته ان حوالي سان زبردستي جا قدم بي نتيجا آهن، اسان جي ڳالهه ٻولهه جو بنيادي مقصد ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي امن ۽ استحڪام آڻڻ آهي.
حوثي تڪرار خطي ۽ سامونڊي سلامتي لاءِ خطرو، پاڪستان کي ڳڻتي، زور زبردستي بدران ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ جو مطالبو
You might also like