نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ سنجو سيمسن جي واپسي تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير سندس ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ رڳو رنسون يا وڪيٽون اهم ناهن، پر رانديگر ٽيم لاءِ ڪيترو اثر پيدا ڪري ٿو، اهو وڌيڪ اهم آهي.
واضح رهي ته سنجو سيمسن کي برطانيا ۽ آئرلينڊ جي دوري دوران مسلسل ناڪامين کانپوءِ ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو هو، جڏهن ته هو ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ دوران پليئر آف دي ٽورنامينٽ رهيو هو.
افغانستان خلاف سيريز ۾ واپسي کانپوءِ سيمسن ٽن ميچن ۾ 117 رنسون ٺاهيون، جن ۾ ٻه ففٽيون پڻ شامل هيون، جڏهن ته سندس اسٽرائيڪ ريٽ 180 رهيو.
گوتم گمڀير چيو ته هو انفرادي انگن اکرن بدران ٽيم جي مجموعي اثر کي اهميت ڏيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته افغانستان خلاف ميچ ۾ پاور پلي دوران 100 رنسون ٺاهڻ ٽيم لاءِ هاڪاري ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪوچنگ واري دور ۾ ڀارت ائين نه ڪري سگهيو هو.
گمڀير چيو ته ڀارتي ٽيم جي ايندڙ هدفن مان هڪ مختصر فارميٽ ۾ 300 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ٽيم وٽ اهڙو ٽيلنٽ موجود آهي، جيڪو غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿو.
سنجو سيمسن بابت گمڀير چيو ته سندس ٽيلنٽ ئي کوڙ آهي ته هو ڊريسنگ روم جو حصو هجي، جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ پليئر آف دي ٽورنامينٽ بڻجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو باصلاحيت رانديگر آهي.
هيڊ ڪوچ تسليم ڪيو ته انگلينڊ خلاف سيريز ۾ سيمسن کي ٽيم مان ٻاهر رکڻ سندس ڪوچنگ دور جو شايد سڀ کان ڏکيو فيصلو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن رانديگر جي موجودا فارم کي به نظر ۾ رکڻو پوندو آهي.
گمڀير واضح ڪيو ته ٽيم انتظاميا جو ارادو ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڪمبينيشن ڏانهن واپس ورڻ هو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ناڪامين کانپوءِ ڪو رانديگر خراب نٿو ٿي وڃي.
سندس چوڻ هو ته هڪ يا ٻن سيريزن ۾ ناڪاميءَ سبب ورلڊ ڪپ فاتح ٽيم کي به خراب ٽيم قرار نٿو ڏئي سگهجي.
سنجو سيمسن جي واپسي سبب نوجوان اسٽار ويڀوَ سورياونشيءَ کي ٽيم مان جاءِ خالي ڪرڻي پئي.
ان ڏس ۾ گمڀير جو چوڻ هو ته ويڀوَ بابت واضح ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ته کيس پنهنجي موقعي جو انتظار ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ويڀوَ ۾ بنا ڪنهن شڪ جي وڏي صلاحيت آهي، پر جيڪو رانديگر ٻن سالن کان مسلسل سٺو کيڏي رهيو هجي، اهو نئين شامل ٿيندڙ رانديگر کان اڳ هوندو.
گمڀير وڌيڪ چيو ته جڏهن ويڀوَ کي موقعو ملندو ته کيس ڊگهو موقعو ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ ۾ عمر 15 سال هجي يا 30 سال، موقعو اچڻ تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي.
You might also like