”يهودي سڃاڻپ ماءُ ذريعي منتقل ٿيندي آهي“، خواجا آصف جي بيان تي جمائما ۽ قاسم خان جو سخت ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ ۽ سندس پٽ قاسم خان وچ ۾ يهودي سڃاڻپ بابت بيانن تي لفظي جنگ ڇڙي وئي.
خواجا آصف يهودي سڃاڻپ بابت روايتي يهودي اصول جو حوالو ڏيندي چيو ته يهودي سڃاڻپ ماءُ جي ذريعي منتقل ٿيندي آهي.
جمائما گولڊ سمٿ جواب ڏيندي چيو ته يهودي برادري کيس ڪڏهن به يهودي نه سمجهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ چرچ آف انگلينڊ سان لاڳاپيل پروٽيسٽنٽ هئي.
قاسم خان به خواجا آصف جي دليل کي چئلينج ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهو اصول لاڳو ڪيو وڃي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته سندس ماءُ ۽ سندس نانو، ناني به يهودي نه هئا.

You might also like