هڪ صدي کانپوءِ وڌيڪ عرصي کانپوءِ پهريون ڀيرو ٻِلي جو هڪ نئون نسل دريافت!

بوليويا جي ٻيلن ۾ ٻليءَ جي هڪ نئين جهنگلي جنس دريافت ڪئي وئي آهي، جنهن جو سائنسي نالو Leopardus tilcayo رکيو ويو آهي.

مقامي ماڻهو هن کي ”ٽِلڪائيو“ چون ٿا. اها تمام ننڍڙي جهنگلي ٻلي آهي، جنهن جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 46 سينٽي ميٽر ۽ وزن رڳو 1.4 ڪلوگرام آهي.

هن جي کل هلڪي ڀوري رنگ جي آهي، جڏهن ته جسم تي بي ترتيب داغ ۽ گول نشان موجود آهن. جينياتي جاچ مان خبر پئي آهي ته اها ٻين ٽائيگر ٻلين کان الڳ جنس آهي، جڏهن ته ان جو نسل لڳ ڀڳ 14 لک سال اڳ ٻين قسمن کان الڳ ٿيو هو.

ماهرن ڏکڻ آمريڪا مان 38 ٻلين جا نمونا وٺي انهن جي ڊي اين اي جو تجزيو ڪيو، جنهن مان خبر پئي ته جن ٻلين کي اڳ هڪ ئي گروهه جو حصو سمجهيو ويندو هو، انهن ۾ حقيقت ۾ ڪيترائي الڳ جينياتي قسم شامل آهن.

ماهرن موجب، هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن جيئري ٻليءَ جي نئين جنس کي باقاعده نالو ڏئي سائنسي طور بيان ڪيو ويو آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن دريافت لاءِ رڳو ظاهري شڪل ڪافي نه هئي، پر ڊي اين اي جي تحقيق مان ثابت ٿيو ته اها واقعي هڪ الڳ جنس آهي. يونگاس جا ٻيلا وڻن جي واڍي، زراعت، باهه ۽ کاڻين جي کوٽائي سبب خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، تنهنڪري هن ٻليءَ جي نئين سڃاڻپ ان جي تحفظ لاءِ پڻ اهم ثابت ٿي سگهي ٿي.

You might also like