اتر ڪوريا جي ايٽمي حيثيت قطعي آهي، ان ذريعي عالمي بدمعاشن جي رستا روڪ ٿئي ٿي: ڪم جونگ اُن جي ڀيڻ

سيئول (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن جي طاقتور ڀيڻ ڪم يو جونگ چيو آهي ته ملڪ جي ايٽمي حيثيت ”بلڪل قطعي“ آهي ۽ جيڪي ماڻهو اتر ڪوريا جي غيرايٽمي ٿيڻ جي اميد رکن ٿا، اهي احمق آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب،اتر ڪوريا قانوني طور پاڻ کي ايٽمي رياست قرار ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ملڪ جي قيادت جو چوڻ آهي ته ان جو ايٽمي ذخيرو مستقل ۽ ناقابلِ واپسي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آگسٽ ۾ چيو هو ته پيونگ يانگ وٽ 57 ”انتهائي طاقتور“ ايٽمي هٿيار موجود آهن، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جو اندازو آهي ته اتر ڪوريا وٽ 80 کان 120 تائين ايٽمي هٿيار ٿي سگهن ٿا.
ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته هو خميس ڏينهن ڪم يو جونگ جي بيان تي گهري نظر رکي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪم جونگ اُن سان ٻيهر ملاقات جو اشارو ڏنو آهي.
سرڪاري ڪورين سينٽرل نيوز ايجنسي ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ ڪم يو جونگ چيو ته ”ڊي پي آر ڪي (اتر ڪوريا) جي ايٽمي رياست طور حيثيت بلڪل قطعي آهي، جنهن کي ڪنهن به شيءِ سان تبديل نٿو ڪري سگهجي.“
هن چيو ته ”پيونگ يانگ جو ايٽمي ذخيرو عالمي بدمعاشن خلاف روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.“
اهو بيان ويانا ۾ انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي جي جنرل ڪانفرنس دوران سامهون آيو، جتي ڪم يو جونگ چيو ته اتر ڪوريا کي غيرايٽمي بڻائڻ جي ڪوششن بابت ”احمقاڻيون ڳالهيون“ ٻڌڻ ۾ اچڻ جون اميدون هيون.
هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن هو سمجهن ٿا ته اهو واقعي ممڪن آهي ته اهي رڳو احمقن جي ڳالهه ٻڌندا.“
ڪم يو جونگ جو چوڻ هو ته ”دشمن قوتون ڀلي زباني طور ڪيترو به انڪار ڪن، حقيقت اها آهي ته ڊي پي آر ڪي جي ايٽمي حيثيت جسماني ۽ قانوني طور مستقل طور طئي ٿي چڪي آهي ۽ ان ۾ ذرو برابر به تبديلي نٿي اچي سگهي.“
ڏکڻ ڪوريا جي اتحاد واري وزارت جي هڪ اهلڪار چيو ته بيان جو وقت غور طلب آهي.
هن چيو ته ”اسان ڪم يو جونگ جي بيان تي گهري نظر رکي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اهو اهڙي وقت آيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو ئي اتر ڪوريا سان ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.“
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا ڪم جونگ اُن سان ٻيهر ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي ۽ گذريل مهيني چيو هو ته هو هن سال جي آخر ۾ اتر ڪوريا جي اڳواڻ سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
ٽرمپ پنهنجي پهرئين صدارتي دور ۾ ڪم جونگ اُن سان ٽي ملاقاتون ڪيون هيون، پر 2019ع ۾ هنوئي اجلاس دوران پابندين ۾ نرمي ۽ غيرايٽمي قدمن بابت ڪو معاهدو نه ٿيڻ سبب سندن سفارتڪاري ناڪام ٿي وئي.
هنوئي اجلاس جي ناڪامي کانپوءِ پيونگ يانگ پنهنجي ايٽمي ذخيرن ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي آهي.

You might also like