اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران محمود خان اچڪزئي حڪومت کي سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ گڏجي هلڻ جي تجويز ڏني آهي.
قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي اپوزيشن پاران حڪومت کي گڏجي معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي آڇ ڪئي آهي، هن چيو ته غلطين کي سڌاري سگهجي ٿو.
محمود خان اچڪزئي شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته پارليامينٽ کي مضبوط ڪري، هڪ معاهدو ڪري ته جيئن سياسي جماعتون هڪٻئي جون ٽنگون نه ڇڪين.
هن وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي چيو ته فيڊريشن صوبن کي پيسا ڏيندي آهي، اوهان صوبن کان ورتا آهن.
پي ٽي آءِ باني بابت هن چيو ته ان تي ايتري سختي نه ڪيو، هڪٻئي کي جيلن ۾ وجهڻ سان ڪجهه نه ٿيندو.
هن سوال اٿاريو ته پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات ٿيندي ته ڇا ٿيندو؟