عمران خان پوڻا 4 ڪروڙ رپيا ڏئي 10 ڪروڙن جا تحفا ڦٻائي ويو: پلڊاٽ

اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران پوڻا 4 ڪروڙ رپيا ڏئي 10 ڪروڙن جا تحفا قبضي ۾ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ پلڊاٽ جي سربراهه احمر بلال محبوب چيو ته عمران خان 10 ڪروڙ رپين جا تحفا صرف 3 ڪروڙ 80 لک ڏئي پاڻ وٽ رکيا. سوشل ميڊيا تي تفصيل رکندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ توشا خانا جي فهرست موجب عمران خان کي 160 تحفا مليا. پلڊاٽ سربراهه موجب توشا خانا جي لسٽ موجب عمران خان کي ٽن ورهين ۾ 148 ملين رپين جا تحفا مليا. هن چيو ته  عمران خان 55 تحفا مفت ۽ 53 تحفا 3 ڪروڙ 80 لک ڏئي پاڻ وٽ رکيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.