علمن جي اوليت جو سوال

تحرير: نذير سومرو

ڇا اسان غلام ڪونه آهيون، ڇا سموري ڌرتيءَ  تي ٿيندڙ هر قسم جي چرپر غلام ڪونه آهي. ڇا علم، غلام ڪونه ٿي چڪا آهن. ڇا هر ماڻهوءَ جي وات ۾ لولي پاپ ڏيئي هر وات بند ڪونه ڪيو ويو آهي. ڇا هر نظريو ڳيجهو ڪونهي بڻايو ويو. ڇا هر نظريي جي تشريح جيئن ”چاهي“ ويندي ائين ڪونه ٿيندي يعني تشريح به غلام آهي. هي جملا ٻڌي پهريون ته ڪاوڙ ايندي هئي پوءِ  جڏهن سوچيو سين ته اهو سڀ ڪجهه سچ لڳو.

اڄ جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ اهو ئي آهي ته ڪابه شئي آزاد ڪونهي. سڀني تي ڌار ڌار لکڻ جي ضرورت آهي ۽ لکبو. اڄ رڳو ان تي ٿا لکون ته علم ڪيئن غلام آهن ۽ ڪهڙو علم اڳتي ڪهڙو علم پوئتي ڪرڻو آهي/ڪيو پيو وڃي. ڇا هي فيصلو به اهو ”ساڳيو“ ئي ڪندو جنهن لاءِ  چيو ويندو آهي ته هر نظريي جي تشريح جيئن ”هو“ چاهيندو ائين ئي ٿيندي ۽ ائين ئي ٿيندي آئي آهي.

ڇا سرمائيداري ئي اهو طئي  ڪندي ته ڪهڙا علم اڳتي آڻجن يعني دنيا ۾ پڙهايا وڃن ڪهڙا علم رديءَ  جي ٽوڪريءَ  حوالي ڪيا وڃن. ها سرمائيداري ئي فيصلو ڪندي ۽ ان جي فيصلي جو نتيجو ئي آهي جو اڄ انسان دوست علم سڀ پوئتي آهن جيڪي علم انسانيت لاءِ  اتساهه بڻجن اهي سڀ پوئتي آهن رڳو اهي ئي علم اڳتي آهن جيڪي سرمائيداريءَ  جي واڌ ويجهه جو سبب بڻجن. ها بلڪل سرمائيداري ئي اهو طئي ڪندي ڇوته ڪميونزم کي شجر ممنوع بڻائڻ کان پوءِ  اها هاڻي ايتري طاقتور آهي جو دنيا ان جي ٻڌي ٻانهي ٿي بيٺي آهي/رهندي. مائو زي تنگ جنهن چيو هو ته مان دشمن جي ڪُلهِيءَ  تي ڪونه وڙهندس مان دشمن کي منهنجي پنهنجي مرضيءَ  سان وڙهڻ لاءِ  مجبور ڪندس ان جو ملڪ هاڻي دشمن (سرمائيداريءَ ) جي مرضيءَ  سان سرمائيدار جي سرغني سان وڙهي رهيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها ته هيءَ  ويڙهه آخري طور تي سرمائيداري ئي کٽندي (يعني سرمائيداري هارائيندي ڪونه ٻنهي صورتن ۾کٽندي)

تاريخ، جاگرافي، فلسفو، نفسيات، ادب، فنون لطيفه جا سڀ علم هاڻي پوئتي پيا وڃن يعني ڪو به اهي علم ”فرسٽ چوائس“ تحت ڪونه ٿو کڻي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ داخلا ڪونه ملي ته پوءِ  اهي علم کنيا/پڙهيا وڃن ٿا،جڏهن پڙهجن ٿا ته دل سان ڪونه، يعني موقعي جي تلاش هر وقت سندس ذهن تي سوار رهندي ته هتان فرار ڪيئن ٿجي. هر اهو علم جيڪو سرمائيداري يا ان سان لاڳاپيل (ڪنهن به طور، مطلب آخري طور هو سرمائيداريءَ  کي هٿي وٺرائيندڙ هجي) اهڙا سڀ علم پهرئين چوائس آهن ايتري تائين جو ٻار جي ڄمڻ وقت ئي وارث طئي ڪن ٿا، هي وڏو ٿي ”ڇا“ ٿيندو.

1917 ۾ جڏهن ڪميونزم عملي طور سرمائيداري خلاف نروار ٿي آيو ۽ باقائدي هڪ رياست پنهنجي ”سمورين گهرجن/ايڪيوپمينٽس“ سان وجود وٺي چڪي ته سرمائيداريءَ  ان کي پنهنجي لاءِ  موت جو پيغام سمجهندي ان خلاف ڀرپور ويڙهه جو فيصلو ڪيو. ان وقت جي آمريڪي صدر ووڊرولسن چيو ته هاڻي نوان ملڪ قومن جي بنياد تي ٺهڻ گهرجن ٻين لفظن ۾ هاڻي اسان قوم پرستيءَ  سان ڪميونزم جو مقابلو ڪنداسين…..۽ ائين ئي ڪيو ويو. هٽلر کي تيار ڪري پنهنجي ڏنل ”نيو ورلڊ آرڊر“ تي عمل ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ دنيا مان بيٺڪيت واري سماج جو خاتمو آندو ويو. مذهب ۽ قوم پرستيءَ  جي پاڪ نالن ۾ شاطرانه کيل کيڏندي سموري دنيا جي هر خطي ۾ ”مهرا“ ويهاريا ويا.

چين جي سرخ انقلاب (1949) کان پوءِ  قوم پرستيءَ  کي مذهب سان سلهاڙي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. عرب علائقي ۾ ڪميونزم کي روڪڻ لاءِ  (ان کي رستي تان ڀٽڪائڻ لاءِ  ) عرب قوم پرستيءَ  جو اصطلاح ٺاهي ان کي اڀاريو ۽ استعمال ڪيو ويو هڪ ڳالهه جيڪا ڪرڻ ضروري آهي، جيئن ته اعتبار ڪنهن تي ڪونهي ۽ ڪنهن کي عزت به ناهي بخشڻي تنهنڪري وري هر ملڪ ۾ ويڇا وڌائڻ لاءِ  (مقامي) قوم پرستي ۽ مذهبي جنونيت کي سلهاڙي ان ملڪ خلاف ان ملڪ ۾ به ماحول جوڙيو ويو. ان وقت سرمائيداري پنهنجي سموري ڪمائي دنيا جي هر خطي ۾ قوم پرستيءَ  ۽ مذهبيت تي خرچ ڪندي رهي. (جنهن جو اعتراف پنجاهه سٺ سالن کان پوءِ  سعودي شهزادي محمد بن سلمان ڪيو) ٻين لفظن ۾ اهي ٻئي ”ڌنڌا“ عروج تي هئا. اڄ انهن ٻنهي ڪاروبارن ۾ منديءَ  جو رجحان آهي يعني ان ريت ڪونه پيا هلن. قوم پرستي (هلائڻ وارو هٿ نڪرڻ کان پوءِ ) وڃي پيئي ڏينهون ڏينهن سڪڙجندي. ٻئي پاسي مذهبيت پنهنجو روپ بدلائي ڪنهن اهڙي ”استعمال“ لاءِ  تيار ڪئي ويئي آهي جيڪو سرمائيداريءَ  کي جلا بخشي.

ان ماحول لاءِ  ضروري آهي ته اهڙا علم اڳتي آندا وڃن جيڪي سيکارين ئي اهو ته انسان سميت دنيا جي هر شيءَ  هڪ ”وکر“ آهي ۽ هر وکر جو ڪاروبار ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ اهڙن علمن جي ڪارج کي اڀاريو پيو وڃي، ليڪچر پيا ٿين. هاڻي اوهان کي ڪٿي به (اسڪول ڪاليج يونيورسٽيءَ  سميت، جتي ڪنهن زماني ۾ ڏينهن جا ڏينهن علمي، سياسي بحث هلندا هئا) علمي بحث ٻڌڻ لاءِ  ڪونه ملندا. اڄ رائج الوقت علمن جو شاگرد پنهنجي علم (ڪتابي انگن اکرن) کان سواءِ ڪجهه نه ٿو ڄاڻي. سرمائيداري پڙهيل لکيل ماڻهن جي روپ ۾ روبوٽ ويٺي ٺاهي هاڻي اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون ادارا ڪونه پر ڪارخانا آهن جتي مينيفيڪچرنگ ٿئي پيئي نه ڪي سوچيندڙ ذهن ٺاهيا وڃن ٿا.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.