دبئي ۾ تحفا وڪڻي رقم ملڪ رياض جي جهاز ۾ آندي وئي

لاهور (رضوان رضي)  دبئي ۾ توشا خانا جا تحفا وڪڻي وڏي رقم فرح  خان پاڪستان آڻڻ لاءِ  ملڪ رياض  جو ذاتي جهاز استعمال ڪيو، نامياري صحافي موجب ملڪ رياض  جي ذاتي جهاز ۾ سوار مسافرن جي ڪابه تلاشي نه ورتي ويندي آهي. اميگريشن جو ملازم جهاز وٽ پهچي جهاز ۾ سوار ماڻهن کان پاسپورٽ وٺي ويندو آهي ۽ انهن تي آمد جي مهر هڻي واپس ڏئي ويندو آهي ساڳي  طرح جهاز ۾ پرڏيهه ويندڙ شخصيتن کان به پاسپورٽ  وٺي انهن تي روانگي جي مهر هڻي جهاز اندر ڏئي ويندو آهي. ان ڪري فرح گوگي دبئي ۾ گهڙي ۽ ٻيا تحفا وڪڻي درهمن ۾ حاصل ٿيندڙ  وڏي رقم ملڪ رياض جي ذاتي جهاز ۾ پاڪستان کڻي آئي آهي. ان جي تصديق  نامياري صحافي حامد مير به پنهنجي پروگرام ۾ ڪئي آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته سون  جي واپاري عمر فاروق ظهور  وٽ تحفن وڪڻڻ ۽  رقم حاصل ڪندي فرح گوگي جون رڪاڊ  ڪيل 4 وڊيوز به موجود آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.