تڪراري فلم جواءِ لينڊ کي نمائش جي اجازت ملي وئي

مرڪزي فلم سنسر بورڊ جي فل بورڊ فلم جواءِ لينڊ جي بعض حصن کي ڪٽي فلم ريليز ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

فلم جوائي لينڊ جي معاملي تي مرڪزي فلم سنسر بورڊ جي فل بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فلم کي ڏٺو ويو ۽ ان مان ڪجهه حصا ڪاٽيا ويا.

واضح رهي ته فلم جواءِ لينڊ تي ڪجهه مڪتبي فڪر جي ماڻهن جي اعتراضن بعد وزيراعظم ڪابينا ڪاميٽي قائم ڪئي ۽ ڪابينا ڪاميٽي گذريل ڏينهن فلم جو جائزو وٺي معاملو فل بورڊ حوالي ڪري ڇڏيو.

فلم جي ڪهاڻي هڪ کدڙي فقير جي چوڌاري ڦري ٿي جنهن کي سرمد کوسٽ ۽ اپوراچرن پروڊيوس ڪيو آهي، فلم جي ميوزڪ عبدالله صديقي پيش ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.