پيشي کي لڄائيندڙ عمل، ڊاڪٽر علاج لاءِ آيل عورت جا ٻئي گردا ڪڍي ڇڏيا

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ ڌوڪي سان عورت جا ٻئي گردا ڪڍڻ جو واقعو پيش ٿيو آهي.

ڌوڪي سان ٻئي گردا ڪڍڻ تي متاثر عورت حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته کيس ڊاڪٽر جا ٻئي گردا ڏياريا وڃن.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو واقعو مظفرپور شهر جي خانگي اسپتال ۾ پيش آيو آهي جتي اٺٽيهه سالن جي عورت سنيتا ديوي کي ٻچي داني ۾ انفيڪشن ٿيڻ جي ڪري علاج لاءِ اسپتال آندو ويو پر ڊاڪٽر مريض عورت جو علاج ڪرڻ بدران ساڻس ڌوڪو ڪري ٻئي گردا ڪڍي ڇڏيا.

رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنيتا هاڻي اسپتال ۾ داخل آهي جتي روزاني جي بنيادن تي سندس ڊائلاسز ڪئي ويندي آهي.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سنيتا حڪومت کان اها اپيل ڪئي آهي ته فراڊ ڪندڙ ڊاڪٽر کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ان جا ٻئي گردا ڪڍي انکي لڳايا وڃن ته جيئن هوءَ زندگي پهريان جيان گذاري سگهي.

متاثر عورت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ان لالچي ڊاڪٽر خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وئي ته اهو غريب عوام جي زندگين سان کيڏندڙ سڀني ڊاڪٽرن لاءِ سبق هوندو.

رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آر ڪي سنگهه نالي جوابدار ڊاڪٽر آپريشن کانپوءِ فرار ٿي ويو آهي ۽ پوليس کي سندس رهائش جو ڪو به پتو ناهي.

سنيتا ٽن ننڍي عمر جي ٻارن جي ماءُ آهي ۽ هوءَ چاهي ته سندس زندگي بچائي وڃي ته جيئن ٻارن جي سار سنڀال ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.