” چاچو“ چوڻ تي افتخار، سلمان ملڪ کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪرڪيٽر افتخار احمد پاڪستاني ڪاميڊين سلمان ملڪ جي پوسٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي کيس چاچو چوڻ کان روڪي ڇڏيو .

ڪاميڊين سلمان ملڪ تازو ئي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو هو ته جيڪڏهن افتخار احمد جواب ڏيندو ته مان کيس چاچو چوڻ ڇڏي ڏيندس جيتوڻيڪ مان کيس اهو پيار مان چوندو آهيان.

جنهن تي افتخار احمد هڪ ايموجي شيئر ڪندي جواب ڏنو، ڪرڪيٽر طرفان ايموجي ۾ کيس خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو ويو آهي.

بعد ۾ ڪاميڊين ان حوالي سان هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي ۽ افتخار جي ردعمل تي خوشي جو اظهار ڪيو ته پر وڊيو ۾ به افتخار لاءِ چاچو لفظ استعمال ڪرڻ بدران انگريزي اکر ” سي “ چيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.