غوثپور جا ڏوهاري بي لغام، پوليس آفيسر کي کنڀي ويا

غوثپور  (ويب ڊيسڪ )غوثپور  جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن دراني مهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي اغوا ڪري ورتو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب پوليس ايس ايڇ او جي اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او ممتاز سومرو ڪچي ڏانهن وڃي رهيو هو ته هٿياربند ڌاڙيلن کيس رستي مان اغوا ڪري ورتو آهي.

اغوا ٿيل ايس ايڇ او جي بازيابيءَ لاءِ مختلف ٿاڻن تان اٽالا ڪچي روانا ٿي ويا آھن،پوليس جو چوڻ آھي تھ ايس ايڇ او کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.