ڪراچي جي مختلف علائقن مان ناريءَ سميت 6 ڄڻا گم، عدالت جو وڏو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن مان ناريءَ سميت 6 ڄڻا گم ٿي ويا، جن جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

درخواستگذار  موجب عبداللطيف، الطاف بلديا ٽائون، اختر ۽ اعظم لياقت آباد، جڏهن ته ناري سميت 2 شهري عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حدن مان گم ٿيا آهن.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيل شهرين کي فوري طور آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي، گهرو کاتي، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 هفتن ۾ گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

درخواست تي ٻڌڻي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي تي ٻڌل بئنچ ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.