لاڙڪاڻي ۾ مليريا جي مريضن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ، دوائون اڻلڀ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ضلعي اندر ٻوڏ ۽ برسات کان پوءِ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي جنهن ڪري روزانو جي بنياد تي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي ڪئمپن سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ سوين مريض مليريا ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري لاڙڪاڻي ۾ مليريا جون دوائون، انجيڪشن ۽ ٽيسٽ ڪٽون اڻلڀ ٿي ويون آهن ۽ ان سان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مليريا جي دوائن جي کوٽ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سيد اطهر حسين شاهه طرفان ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز ويڪٽر بورن ڊزيز سنڌ حيدرآباد کي خط لکي گذارش ڪئي آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن کان پوءِ متاثرن جي ڪئمپن ۾ مليريا جي دوائن جي سخت ضرورت آهي ان لاءِ مليريا جون دوائون، بيڊ نيٽس، اسپري پمپ، مليريا ٽيسٽ ڪٽون، مائڪرواسڪوپ مشينون، انجيڪشون ۽ ٻئي سامان جي سخت ضرورت آهي. ان حوالي سان ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سيد اطهر حسين شاهه ٻڌايو ته برسات متاثرن جي ڪئمپن ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو مليريا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن ڪري اسان صحت کاتي کي دوائن، انجيڪشن، ٽيسٽ ڪٽ، مشينري ۽ ٻئي سامان لاءِ لکيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.