ڪراچي ۾ عورت هڪ ئي وقت 6 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ عورت هڪ ئي وقت ڇهن ٻارن کي جنم ڏنو آهي جن ۾ چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن.

ڪراچي جي علائقي ڪالاپل جي رهواسڻ حنا ناظم هڪ ئي وقت 6 جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو.

جناح اسپتال جي گائني شعبي جي ڊاڪٽر عائشه ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 25 سالا عورت کي پهريان به اولاد آهي.

هن ٻڌايو ته عورت گذريل رات 6 جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو آهي جن مان هڪ ٻارڙو مئل حالت ۾ پيدا ٿيو ۽ پنج جيئرا آهن. جڏهن ته  ٻار نارمل ڊليوري ذريعي پيدا ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.