ڪڪڙ ۾ رٽائرڊ استاد جو برسات دوران گھر ڊھي پٽ

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ ۾  پرائمري رٽائرڊ سينئر استاد محمد ھارون جوڻيجو جو برسات پوڻ دوران 2 ھفتا اڳ سڄو گھر ڊھي پٽ ٿيڻ کانپوء دادو انتظاميا کان واھر ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي رٽائراستاد محمد ھارون جوڻيجو صحافين اڳيان دانھيندي ٻڌايو آھي ته ڪڪڙ ۾ 2 ھفتا اڳ برسات پوڻ دوران سڄو گھر ڊھي پٽ ٿي ويو جنھن جي ٻيھر گھرجي مرمت لاءِ رقم نه ھئڻ ڪري گھر ڀاتي پريشان واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون برسات متاثر  رٽائر استاد چيو ته مون مسڪين استاد جي ڪنھن به مدد نه ڪئي آھي، جنھن اسان کي مايوس ڪيو آھي خدارا مان ڊپٽي ڪمشنر دادو توڙي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيان ٿو ته مون مسڪين کي نئين سر گھر ٺھرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.