اليڪشن ڪميشن جي توهين، پي ٽي آءِ چيئرمين طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن اداري جي توهين تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، پارٽي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي طلب ڪري ورتو.

ترجمان موجب عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي توهين اليڪشن ڪميشن جا نوٽيسز جاري ڪندي کين 30 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي 30 آگسٽ 2022ع تي ذاتي حيثيت يا وڪيل ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

انکانسواءِ اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي پڻ ذاتي حيثيت يا وڪيل ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.