مون کي اها به خبر ناهي ته پيءُ جيئرو آهي يا نه: فضا علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا فضا علي چيو آهي ته مونکي خبر ئي ناهي ته پيءُ زنده آهي به يا نه.

تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مختلف انٽرويوز ۾ پيءُ بابت پڇيل سوال تي مختلف ڳالهيون ڪيون پر حقيقت اها آهي ته مونکي ڄاڻ ئي ناهي ته هو حيات آهي به يا نه.

هن ٻڌايو ته کيس رڳو اها خبر آهي ته جڏهن هوءَ پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هئي ته سندس ماءُ کي پيءُ ايترو ماريو جو ماءُ جا هيٺيان ٻه ڏند نڙي ۾ اچي ويا ۽ رت ڏاڪڻ تان وهي پيو، جنهن بعد پاڙيسري ماءُ کي اسپتال وٺي ويا.

هن ٻڌايو ته سندس پيءُ ذميوارين کان ڀڄندو هيو، ڪاوڙ ڪندو هو، لالچي به هو، پيءُ جو خاندان سٺو هو پر پيءُ کي روزگار سان دلچسپي نه هئي.

هن چيو ته ماءُ پيڪن ۾ امير هئي ته پيءُ سندس ماءُ وٽ صرف پيسن لاءِ ايندو هيو.

هن چيو ته کين اها ڄاڻ هئي تڏهن پيءُ دل تان لهي ويو هو.

فضا علي چيو ته پيءُ صرف پيدا ڪندڙ ناهي هوندو، پيءُ ٻارن جون ذميواريون کڻندڙ کين کيڏائڻ وارو ۽ فڪر ڪندڙ هوندو آهي،

هن چيو ته ماءُ ئي سندن پيءُ به هئي، جڏهن وڏي ٿي ته دوستن پاران سندن پيءُ بابت تعريف ٻڌي حسد ٿيندو هو، کيس ساڙ ٿيندو هيو ڪنهن نينگريءَ کي پيءُ سان خوش ڏسي.

اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هن ڪڏهن اهڙيو ساهيڙيون نه رکيون جن جا پيئر حيات هجن پر اهڙيون ساهيڙيون رکيون جن کي ماءُ سان وڌيڪ محبت هوندي هئي.

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ مختلف پروگرامن جي ميزبان فضا علي ٻڌايو ته هو جڏهن وڏي ٿي ته ماڻهن کي ٻڌائيندي هئي پيءُ حيات ناهي.

هن چيو ته ماءُ جو مڙس هجڻ جي حيثيت سان ته کيس معاف ڪري ڇڏيو آهي پر هن جيڪو ڪيو اهو وساريو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.