دادلغاري ۾ شراب جي بٺي تي ڇاپو، ٺري جا 10 ڊرم هٿ

داد لغاري (رپورٽ امجد لغاري)  داد لغاري ٿاڻي چي حد ڳوٺ ڳھڻو مھر ۾ ڪچي ۽ زھريلي شراب جي ٻٺي تي ضلعي گھوثڪي جي ٿاڻن داد لغاري ـ خانپور مھر ـ ميرپور ماٿيلو ـجروار ـ يارولنڊ سميت 6 ٿاڻن جي پوليس جو ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مھر ۽ ڊي ايس پي اختر وسير جي اڳواڻي ۾ ڇاپو ھنيو ويو جتي ڇاپي دوران ڪچي شراب جا 10 ڊرم ھٿ ڪيا ويا جڏھن ته سنڌ ۽ پنجاب ڏانھن ڪچي شراب ٺاھي وڪرو ڪندڙ بٺي مالڪ امام بخش مھر ۽ سندس ساٿي رانجھن ميگھواڙ کي پڻ گرفتار ڪري ورتو ۽ گرفتار جوابدارن جا  5 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا جاري آھن ٻي طرف ڊي ايس پي اختر وسير ۽ ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مھر ميڊيا کي ٻڌايو ته لوھي لڳ ڳوٺ ڳھڻو مھر ۾ ڪچي ۽ زھريلي شراب جي وڪرو ٿيڻ ۽ گھڻي تعداد ۾ ٺھڻ جو اطلاع مليو جنھن بعد ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو ھنيو آھي بٺي مالڪ ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪيو آھي ۽ ڪچي شراب جا 10 ڊرم پڻ پنھجي تحويل ۾ ورتا آھن . ۽ بٺي پڻ داھي پٽ ڪري ڇڏي آھي وڌيڪ ڪاروايون ۽ ڇاپا جاري آھن ۽ گرفتار جوابدارن امام بخش مھر ۽ سندس ساٿي رانجھن مينگھواڙ تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.