ٿر، عمرڪوٽ ۽ ميرپوخاص جي مختلف علائقن ۾ برسات

ڪراچي (رپورٽر) ٿر، عمرڪوٽ ۽ ميرپوخاص جي مختلف علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سانوڻي جي برسات جو نظام اڄ کان سنڌ تي اثر انداز ٿيندو. ٺٽي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هڪ نه پر ٻه سسٽم وڌيڪ برساتون آڻي رهيا آهن، ڇنڇر کان شروع ٿيندڙ نئون سسٽم 9 آگسٽ تائين وچولي کان تيز برساتن جو سبب بڻجندو، جڏهن ته 11 کان 15 آگسٽ تائين ٻيهر برساتون شروع ٿينديون.موسميات کاتي 6 آگسٽ کان 10 آگسٽ تائين لسبيلا ۾ مختلف هنڌن تي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ٻوڏ متاثرن کي دريائن کان پري وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.