ڪوئيٽا ۾ ادارن وڌيڪ 2 بلوچ نوجوان قتل ڪري ڇڏيا: نيشنل پارٽي

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي جي صوبائي پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته خاران مينگل رود تي 2 آگسٽ جي رات سي ٽي ڊي ۽ ايف سي جي  ثناءُ الله شاهواڻي جي گهر تي يلغار، چادر ۽ چوديواري جي پائمالي ۽ سندس ٻن پٽن عمران ثناءُ الله ۽ عامر ثناءُ الله کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو جيڪو انتهائي مذمت جوڳو، اخلاقيات ۽ انسانيت جي ابتڙ قدم آهي، هنن چيو ته نيشنل پارٽي هميشه ان قسم جي قدمن جي ڀرپور مخالفت ڪئي آهي، ثناءُ الله جا ٻئي پٽ نه روپوش هئا نه ڪنهن غيرقانوني عمل ۾ ملوث هئا، جيڪڏهن انهن وٽ ڪي ثبوت هئا ته کين گولين سان پروڻ ڪرڻ بدران انهن جي خاندان جي اهم ماڻهن سان رابطو ڪن هئا اهي پاڻ جاچ لاءِ انهن کي ادارن حوالي ڪن ٿا، پر ان جي ابتڙ بغير ڪنهن وارنٽ ۽ وارننگ جي گهر تي حملو ڪري ٻنهي نوجوانن کي قتل ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.