بدين ۾ پوليس گردي خلاف صحافين جو احتجاج

بدين (ڊ ر) بدين ۾پوليس جي زيادتين ۽ ناانصافين خلاف صحافين احتجاجي ريلي ڪڍي ايوان صحافت ۽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.مظاهرين کي شوڪت يمڻ، تنوير آرائين، ملڪ الياس، حاجي خالد محمود گھمڻ، ھارون گوپانگ ، ملڪ طارق اعواڻ علي محمد شاھاڻي، شفيع محمد جوڻيجو، ۽  رازق ڏ نو کوسو چيو ته بدين پوليس صحافين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، ھڪ مھيني اندر 8 صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، صحافين سدائين عوام جي مسئلن تي لکيو آهي مظلومن کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر موجوده ايس ايس پي شاھنواز چاچڙ جي اچڻ کان پوءِ بدين جي صحافين خلاف روزانو ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪليو پيو وڃي. ھنن چيو ته ايس ايس ڏوھارين سان مليل آھي، صحافين کي ھيسائڻ چاھي ٿو پر سندس سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. ٻئي طرف بدين جي واپارين، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن  به ايس ايس پي بدين خلاف صحافين جي ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.