قمبر ۾گهر تي قبضي خلاف متاثرن جو احتجاج

قمبر (ڊ ر) قمبر ۾ گهر تي قبضي خلاف عورتن ياسمين خاتون، نسيم خاتون گوپانگ، امداد گوپانگ، ضمير گوپانگ، عبدالجبار، بشير گوپانگ ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بااثر منظور عرف جمن گوپانگ ۽ گامو عرف غفور گوپانگ اسان جي گهر تي  قبضو ڪيو آهي، اهڙي دانهن نيڪ مردن ۽ سٽي پوليس کي ڏني پر بااثر ھئڻ ڪري هن خلساف ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي. هنن چيو ته منظور عرف جمن گوپانگ خلاف دانهڻ تي هو قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،اسان کي هن مان خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جو ڪڏهن به جاني مالي نقصان ڪري سگهي ٿو. ھنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جلد کان انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.