ڏوڪري ۾ مرحرم الحرام جي حوالي سان فليگ مارچ

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري تعلقي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس دي ايس پي خادم بليدي ايس ايڇ او محمد ابراهيم بروهي ايس ايڇ او دلي جان مڳسي  ۽ پوليس املدار شير خان ککراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محرم الحرام جي حوالي سان فليگ مارچ ڪري سڄي شهر جو گشت پڻ ڪيو ويو، انهي موقعي تي ڊي ايس پي خادم بليدي ميڊيا کي ٻڌايو ته امن امان جي حوالي سان محرو الحرام جي حوالي سان امن قائم ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي، هر شهرين جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، ۽ شهرين مذهبي ڌريون امن ۽ امان جي حوالي سان اسان سان گڏجي تعاون ڪري پنهنجو فرض نباهيدا.

  • خيرپور۾عزاداري امام حسين عه جون تياريون ،سبيلون لڳي ويون

خيرپور (س ر) خيرپور ۾ عزاداري امام حسين عليه السلام جي تياريون مڪمل ضلعي جي 500 کان وڌيڪ عزاخانه تيار مجلسن لاءِ عالم سڳورا خيرپور پهچي ويا، سبيلون لڳي ويون آهن ، ضلعي ۾ اهل بيت عظام سان حُب  رکندڙ عزادارن جي گهرن تي علم پاڪ سينگاري نصب ڪرڻ وارو عمل تيز ٿي ويو. هر طرف يا حسين، يا عباس جي صدائين سان ڪربلا وارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ ڏنل قرباني جي ياد ۾ ٻکيل ۽ اڃايل ماڻهن ننڍڙن توري پيرسن ماڻهن کي نياز سبيل کارائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مجلسن لاءِ امام بارگاهن ۽ عزاخانن ۾ وڏي اهتمام سان تياريون مڪمل ڪري عزادارن جي خدمت لاءِ اسڪائوٽس، رضاڪار ۽ ٻيا انتظامي ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن امام بارگاهن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪنگ لاءِ پڻ بندوبست ٿي ويو آهي ان کان علاوه امام بارگاهن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ فعال ڪيون ويون آهن ان سلسلي ۾ مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري، امام بارگاهه قصر حسيني ۽ مرڪزي امام بارگاهه لقمان، امام بارگاهه فيض حسيني، امام بارگاهه قصر زينب ثاني زهراه، امام بارگاهه دبير حسين ڪاظمي، امام بارگاهه شاهه ڪربلا ۽ امام بارگاهه اصغريه ، امام بارگاهه قصر پنجتني شوڪت صاحب ، امام بارگاهه عون و محمد ۽ امام بارگاهه نواب اصغر عباس ، شاهي امام بارگاهه ڪوٽڊجي مير صاحب ، امام بارگاهه هاشميه لقمان ۽ امام بارگاهه حسينيه ، امام بارگاهه قصر عباس ، امام بارگاهه پنجتني امام بارگاهه امام بارگاهه الحسيني راهوجا ۽ محبان حيدري ۽ ، امام بارگاهه ڀرڳڙي ۽ مسجد جعفريه اسٽيشن روڊ ، امام بارگاهه سجاديه، حسينيه بنارس ڪالوني، امام بارگاهه در عباس راهوجا ۽ انجمن الحيدري ڪوٽ بنگلو، امام بارگاهه درگاهه خير شاهه ۾ عزاداري ٿيندي. ان کان علاوه ڪربلا جي ڪمسن ننڊڙن شهيدن جي ياد ۾ انجمن غلامان عباس قديم پاران ڪسمن عزادارن جي مجلسن کي ذاڪر مولانا فرحان علوي خطاب ڪيو ساڳي ريت انجمن لشڪر عباس ۽ سيد سلمان شاهه پاران ڪمسن عزادارن جي مجلسون پڻ منعقد ڪيون ويون .

  • روهڙي ۾ انتظاميا جو امام بارگاهن جو دورو، سهولتن جو جائزو ورتو ويو

روهڙي(رپورٽ عبدالجواد عباسي)سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه روهڙي ۾ محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن   ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ زائرين ۽ عقيدتمندن ۽ مومنين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، اھڙين ھدايتن تي فوڪل پرسن منسٽر لوڪل گورنمينٽ سنڌ عرفان علي دائود پوٽو ميونسپل ڪميٽي روهڙي، پبلڪ هيلٿ، ميونسپل ڪاميٽي روهڙي جي آفيسرن ۽ منتظمين سان گڏجي امام بارگاهن ۽ جلوس پرمٽ هولڊرز ڪربلا ميدان، امام بارگاهه حيدر شاهه حقاني، امام بارگاه شاهه نجف ۽ ٻين علائقن ۽ مرڪزي ماتمي جلوسن ۽ ساڍا چار سئو سال قديمي تعزيه ڪربلا معليٰ جو  پراڻو روايتي گذرگاھن جو دورو ڪيو . ان موقعي تي عرفان علي دائود پوٽو ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام جي ڏينهن ۾ خاص طور تي پهرين محرم کان 10 محرم تائين شهر جي انهن تمام علائقن جتان مجالس جو انقعاد ڪيو ويندو آهي ۽ جٿي جٿي پاڻي جون سبيلون لڳايون وينديون آهن, ان موقعي تي باني تعزيه ڪربلا معليٰ سيد غلام ميران شاهه، ايڊمنسٽريٽر روهڙي علي گلزار قاضي، چيف آفيسر ميونسپل ڪميٽي روهڙي غلام قادر رڪ، آفيس سپرنٽينڊنٽ امتياز احمد سومرو ۽ ٻيا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا.

  • مٽياري انتظاميا محرم جي حوالي سان انتظام ناهن ڪيا: عزادار

مٽياري ( ڊ ر)  مٽياري ۾ ماتمي جلوسن جي سرواڻي ڪندڙ فقہ جعفريہ اڳواڻ سيد جواد شاھ حسيني ۽ سيد مير ڪاظم شاھ حسيني امام بارگاھ حسينيہ سجاديہ ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي تہ محرم الحرام شروع ٿيڻ تي آھي پر ضلعي انتظاميه پاران ماتمي جلوسن ۽ عزادارن جي سھولتن لاء ڪي بہ انتظام نہ ڪيا آھن ھر سال محرم شريف شروع ٿيڻ کان ھڪ ھفتو اڳ ميٽنگ ڪري ماتمي جلوسن جي نگراني ڪندڙ عزادارن کي گھرائي انتظام ڪيا ويندا آھن پر ھن ڀيري ڊپٽي ڪمشنر توڙي ايس ايس پي جيڪا ميٽنگ ڪئي آھي ان ۾ مٽياري شھر جي ڪنھن بہ عزادار کي نہ گھرايو ويو نہ ئي انتظامن بابت ڪا آگاھي ڏني وئي آھي اڳواڻن چيو تہ مرڪزي امام بارگاھ حسينيہ سجاديہ ھميشہ انتھائي حساس رھي آھي ۽ ھتي ھميشہ سيڪيورٽي جا وڏا انتظام ڪيا ويندا آھن پر ھن ڀيري علم پاڪ جي سواري مھل بہ سيڪيورٽي نہ ملي شھر جو روڊ اکيڙي ڇڏيو  ڏنو ويو آهي جنھن سبب ماتمي جلوسن کي گذرڻ ۾ مشڪلاتون اينديون حيسڪو . ٽائون ڪميٽي توڙي پبلڪ ھيلٿ پڻ اڃان تائين ڪي بہ انتظام نہ ڪيا ويا آهن فقہ جعفريہ اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ زنجير زني جي گرائونڊ تي برساتي پاڻي بيٺل آھي اڃان تائين اھو پاڻي بہ نہ نڪري سگھيو آھي اسان جي مرڪزي امام بارگاھ حسينيہ سجاديہ ۾ پھرين محرم کان روزانو مجلس ٿيندي آهي ستين محرم جي رات وڏي مجلس ٿيندي آهي.

  • ميرپورماٿيلي ۾ محرم الحرام جي حوالي سان گڏجاڻي، سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو

ميرپورماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ)ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو جي هدايتن تي محرم الحرام جي آمد جي حوالي سان ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو اختر وسير جي  صدارت ۾ گڏجاڻي محرم الحرام دوران امن امان کي بحال ڪرڻ لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو، گڏجاڻي ۾ ايس ايڇ او دادلغاري ذوالفقار مهر، ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو عبدالوحيد ڀٽو، اهل تشيع، اهل سنت جي عالمن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي معزز ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊي ايس پي اختر وسير چيو ته محرم الحرام جي ڏهاڪي دوران امن امان کي بحال ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، هن چيو ته امن امان ڪميٽي جي عهديدارن ۽ ميمبر مڪمل طور رابطي ۾ رهن، ۽ جائز مسئلا ۽ مطالبن کي قانوني طور تي حل ڪيو ويندو، ان حوالي سان ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو عبدالوحيد ڀٽو، ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مهر چيو ته ميرپور ماٿيلو شهر هڪ پرامن شهر آهي، اسان يقين ڏياريون ٿا ته امن امان کي بحال ڪرڻ لاءِ امن امان کي بحال ڪرڻ لاءِ امن ڪاميٽي سان مڪمل تعاون انتظاميه ۽ پوليس سان هوندو.

  • صالح پٽ ۾ زائرين ۽ عزادارن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اجلاس

صالح پٽ (رپورٽ: امتياز علي مهر) محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ زائرين ۽ عزادارن کي بنيادي  سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ رضوي پئلس صالح پٽ  ۾ شيعا علماء ڪائونسل تعلقا صالح پٽ جي سيد احسان علي شاهه رضوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو مولانا اختر حسين ڪاظم جنرل سيڪريٽري شيعه علماء ڪائونسل ضلعي سکر شيعه علماء ڪائونسل تعلقا صالح پٽ جي سيد جواد حسين شاهه رضوي مولانا علي داد مطهري آرگنائزر شيعه علماء ڪائونسل تعلقه صالح پٽ شيعه علماء ڪائونسل جي سڪيورٽي جي جوانن شرڪت ڪئي انهن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته سمورن علائقن  ۾ لاڳاپيل انتظاميا سان سهڪار ڪيو وڃي.  ۽ ادارن سان گڏجي ڪري محرم الحرام ۾ پاڻي، لائيٽنگ، صفائي سٿرائي ۽ سڪيورٽي سميت سمورن انتظامن کي بهتر بڻايو وڃي ۽ روايتي اجتماعن ۽ ماتمي جلوسن ۽ تاريخي جڳهن جي رستن تي محرم الحرام دوران زائرين ۽ عزادارن کي مڪمل بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن منعقد ٿيل اجلاس ۾ صحافين به شرڪت ڪئي

  • محرم بابت خيرپور ۾ اجلاس، شيعا اڳواڻن جي به شرڪت

خيرپور ( س ر ) محرم الحرام جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ ۽ خيرپور جي مذهبي اڳواڻن ۾ ويڊيولنڪ ذريعي ڊي آءِ جي آفيس سکر  ۾ ميٽنگ ٿي گذري، ميٽنگ ۾ ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهارو جسڪاڻي ، ايس ايس پي سکر سينگهار ملڪ ، ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ سميت ، سکر ،  خيرپور ، گهوٽڪي جي ايس ايس پيز ، شيعه علما ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ سيد امتياز حسين شاهه ، شيعه رابطه ڪائونسل ضلع خيرپور جي صدر سيد سرڪار حسين شاهه ، نائب صدر سيد مطهر زيدي سميت سکر ڊويزن جي نالي واري اڳواڻن شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي سکر ڊويزن جي مذهبي اڳواڻن ۽ پوليس آفيسرن سان آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ويڊيولنڪ ذريعي ميٽنگ ڪئي.  ، ان موقعي تي مذهبي اڳواڻن ۽ سکر ڊويزن جي پوليس آفيسرن محرم الحرام جي حوالي سان سکر ڊويزن ۾ ٿيندڙ ننڍن وڏن ماتمي جلوسن ، مجلسن ، سبيلن سميت محرم جي ايڪٽوٽي ۽ سڪيورٽي پلان بابت آءِ جي سنڌ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ، ميٽنگ ۾ مذهبي اڳواڻن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته محرم الحرام جي دوران امام بارگاهن ،  مجلسن ، ماتمي روٽ رستن ، سبيلن ، مذهبي اڳواڻن ۽ مومنين جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن ، جنهن تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته روهڙي سکر ، خيرپور ، پريالوءِ ، ٻٻرلوءِ ، ڪوٽڏيجي ، جاگير علي اڪبر سميت سکر ڊويزن ۾ ٿيندڙ ماتمي جلوسن ، مجلسن ، امام بارگاهن ، سبيلن ، مذهبي اڳواڻن ۽ مومنين جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ مڪمل محرم الحرام سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي جنهن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو ويندو ، آءِ جي سنڌ چيو ته محرم الحرام جي سڪيورٽي پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ محرم الحرام جي دوران ٿيندڙ ماتمي جلوسن ، مجلسن جي مان پاڻ براءِ راست نگراني ڪري رهيو آهيان جنهن لاءِ هر ضلعي ۾ محرم الحرام سيل قائم ڪيو ويندو ، محرم سيل تحت مذهبي اڳواڻ ، پوليس آفيسر ، ضلعي انتظاميه ۽ مان آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهنداسين ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميٽنگ دوران خاطري ڪرائيندي چيو ته انشاءَ الله تعاليٰ 2022  جي محرم الحرام کي امن امان جي فضا ۾ گذارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي .

  • سکر ۾ نوان علم پاڪ تيار ڪرڻ ۽ سندن سجاوٽ جو ڪم تيزي سان جاري

سکر(رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ محرم الحرام جو آغاز ٿيندي ئي سکر شهر ۾ به پيڪر وفا ۽ ڪربلا جي غازي عباس عملدار جي  ياد ۾ نوان علم پاڪ تيار ڪرڻ ۽ سندن سجاوٽ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، جيڪو محرم جي آخري ڏينهن تائين جاري رهندو، واضع رهي ته علم پاڪ ڪاٺي ۽ اسٽيل جي استعمال کانپوءِ تيار ٿي مختلف مرحلن مان گذرندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي پسند مطابق الم پاڪ کي تيار ڪرائي پنهنجي گهرن ۽ امام بارگاهن تي لڳائي علمدار وفا کي خراج پيش ڪندا آهن، رنج و علم جو نشان علم پاڪ اسان کي حق ۽ سچ جي راه ۾ پنهنجي جان قربان ڪرڻ واري ڪربلا جي شهيدن جي ياد ڏياريندو آهي،  جڏهن ته ٻي پاسي پهرين محرم الحرام شروع ٿيندي ئي سکر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سبيلن ۽ ننگر نياز جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.