لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جو مک مورچو ڌماڪي سان ڪري پيو، اهلڪار فوت، لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي مک گيٽ واري ماڙي ڌماڪي سان ڪري پئي، هڪ اهلڪار فوت، وارثن جو جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف فوتي اهلڪار جو لاش رکي ڌرڻو جلي سپرينٽنڊنٽ مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي سينٽرل جيل جي مک واري گيٽ مٿان ٺهيل ماڙي اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي، جتي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار ڀاڳيو خان ککراڻي دٻجي ويو، کيس زخمي حالت ۾ جيل مان چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي فوت ٿي ويل اهلڪار جا وارث اسپتال پهچي ويا، وارثن پاران جيل اهلڪار ڀاڳيو خان ککراڻي جو لاش اسپتال ٻاهران رکي جيل سپرينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ خلاف سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي اهلڪار جي پٽ مجاهد علي ککراڻي، ڀائرن محمد جڙيل ککراڻي، محمد مريد ککراڻي، سئوٽ عبدالرشيد ککراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيل سپرينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي اڳواٽ خبر هئي ته اها ماڙي زبون ٿيل آهي، پر ان جي باوجود به اسان جي همراھ جي اتي ڄاڻي واڻي ڊيوٽي لڳائي وئي هئي ۽ واقعي جو اطلاع به اسان کي جيل جي انتظاميه نه ڏنو، پر ٻاهرن ماڻهن اطلاع ڏنو ته توهان جو عزيز ڀاڳيو خان ککراڻي ماڙي هيٺيان اچي ويو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته جيل سپرينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ مٿان فوت ٿي ويل اهلڪار جو ڪيس داخل ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيل سپرينڊنٽ اسان جي نوجوان جي ڊيوٽي لڳائي اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي. هوڏانهن جيل انتظاميه جو چوڻ آهي ته جيل اندر ٽوٽل 7 برجون آهن، جن مان ٽن برجن جو مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس اهلڪار ڀاڳيو خان ککراڻي برج تي ڊيوٽي ڪرڻ دوران اوچتو ڇت ڪرڻ سبب زخمي ٿيو، جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته سينٽرل جيل اندر 40 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو برجن ماڙين جو ڪم مڪمل ڪرايو آهي، جڏهن ته نمبر وائيز برجن جو ڪم هلندڙ آهي. ٻي پاسي وارث فوت ٿي ويل اهلڪار ڀاڳيو خان جو اسپتال مان لاش کڻائي لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ ميان خان ککراڻي ۾ پهتا ته سندس وارثن ۾ ماتم مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.