رتيديري ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج ، انصاف لاءِ التجائون

رتو ديرو (ن ع آ) رتيديرو لڳ ڳوٺ علڻ خان ڪوڏراڻي جي رهواسي ڳوٺاڻن پنهنجي برادري جي بااثر ماڻهن جي ڏاڍ خلاف احتجاج  ڪري انصاف لاء التجائون ڪيون آهن ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن واحد بخش ، محمد عرس ، خادم حسين ، الله  ڏنو ، امان الله اسدالله ، روشن ڪوڏراڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته غلام الرسول ، علي گل ، اعظم ، نصير محمد ، قائم الدين ۽ نثار ڪوڏراڻي وارن جو ڪوڏراڻي برادري جي ٻئي ڌر سان ڪارنهن جي مسئلي تي تڪرار هلندڙ آهي جنهن سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي پر ڄاڻايل ماڻهو بااثر هجڻ سبب بلا جواز اسان کي حراسان ڪري اسان مٿان حملا ڪري رهيا آهن هنن چيو ته هڪ سال اڳ به هنن اسان جي گهرن تي چڙهائيون ڪري اسان جي 16 ورهين جي نياڻي عريبه ڌيءُ صفدر کي گولي هڻي سخت زخمي ڪيو هو ۽ گهرن کي باهيون به ڏنيون هيون گذريل ڏينهن پوليس چوڪي سامهون صفدر ، رجب ، عبدالحڪيم ۽ فدا حسين پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏجي اسان جي ماڻهن مٿان حملو ڪري انهن کي بي گناه زخمي ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته بااثرن اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي مظاهرين ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته معامري جي شفاف جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.