ٽڪراءُ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، پشتون،سنڌي ويڙهائڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو پنهنجي آڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته مان سنڌ ۾ وسندڙ سمورن ماڻهن کي هن پيغام وسيلي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجي صفن ۾ امن امان برقرار رکو، وڳوڙ، تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه نه سنڌ جي مفاد ۾ آهي نه ئي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ملڪ هن وقت شديد معاشي بحران ۾ آهي، ان حالت ۾ توهان هڪ ٻئي جو خون وهائيندوان جو نقصان ملڪ جي پورهيتن  کي ٿيندو، هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورا سنڌي، بلوچ، پشتون، پنجابي، سرائيڪي، اردو ڳالهائيندڙ، هندڪو ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا سمورا ڀائر آهيون، اسان جو واسطو ڪجهه سالن نه پر هزارين سالن کان آهي، اسان سڀ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، بلهي شاهه، بابا فريد، وارث شاهه، خوشحال خان خٽڪ جي سرزمين تي صدين کان آباد آهيون، ڪو ڏوهه ٿي وڃي ته ان کي ڪرائيم طور ڏٺو وڃي، قاتل کي گرفتار ڪيو وڃي، پوليس سستي نه ڪري، بلال ڪاڪا جي قتل جو جيڪو واقعو ٿيو آهي، ان کي ڪنٽرول ڪري سگهجي پيو ،پوليس اتي موجود هئي، هن چيو ته الاآصف اسڪوائر ۽ ٻين هنڌن تي ماڻهن کي بسن مان لاٿو ويو، تشدد ڪيو ويو، اهو مذمت جوڳو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ پختون اسان جا ڀائر آهن، خان غفار خان ۽ عبدالصمد اچڪزئي،رسول بخش پليجو، ولي خان سيد، جي ايم سيدجو پاڪستان جي مظلوم عوام لاءِ ڪردار رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان لاءِ منهنجون ڪوششون جاري آهن، مون سان شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه ،آغا سراج دراني ۽  سنڌ جي ٻين وزيرن رابطا ڪيا آهن،عمران اسماعيل، حليم عادل، پرويزخٽڪ، شاهي سيد ، راشد محمود سومري ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن سان رابطا آهن، مون سان بلوچستان جي مختلف پوليس آفيسرن ڳالهيون ڪيون آهن،  ڊي آءِ جيز سان به رابطا ٿيا آهن، مون سڀني کي گذارش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ امن امان لاءِ سهڪار ڪيو وڃي، هڪ ٻئي جا ڀائر آهيون، غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ جو حڪم آيل آهي، آرمي چيف به چئي چڪو آهي، عمران خان به چئي چڪو آهي،  پشتونن ۽ سنڌين کي ويڙهائڻ جي ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي، پوليس عملدارن کي اپيل آهي ته امن امان ڪنٽرل ڪن، جيڪو به وڳوڙ ڪري ان خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڀلي ڪهڙي به زبان ڳالهائيندڙ هجي، سوشل ميڊيا تي مهم جوئي نه ڪئي وڃي، جيڪو ٽڪراءُ جي ڳالهه ڪري اسان ان جي حوصله افزائي نه ڪريون،اخبارون ۽ ٽي وي چئنل به مثبت ڪردار ادا ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.