چڪ شهبازپور لڳ آڪڙا پرچي جو آزار، ماڻهن گهر کپائي ڇڏيا

چڪ شھباز پور (رپورٽ؛ جاويد لاشاري)  چڪ شھباز پور سميت گھوٽڪي ضلعي جي ننڍن توڙي جو وڏن شھرن ۾ ڪروڙ پتي بڻجڻ جا خوابڏيکاري روزانه جي بنياد تي ڏينھن ۾ ٻه ڀيرا آڪڙا پرچي ڪٽيندڙ ڊيلرن سوين ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا آهن،ان سلسلي ۾ چڪ شھباز پور مان مليل معلومات موجب گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ پوليس جي سرپرستي ھيٺ آڪڙا پرچي جوا سبب مختلف علائقن جا سوين ماڻھون زمينون گھر جا اجھا وڪرو ڪرڻ سبب فاقا ڪشي تي مجبور ٿيڻ بعد ۽ اکين مان ڳوڙھا ڳاڙڻ بعد آباڻا ڪک ڇڏي مزدوري ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ڏانھن روانا ٿي ويا آھن پر ھن وقت تائين گھوٽڪي ضلعي جي پوليس آڪڙا پرچي جي مک ڊيلرن خلاف ڪنھن به قسم جي ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي جنھن سبب سماجي برايون عروج تي پهچي ويون آهن ٻي پاسي سياسي سماجي اڳواڻن "روزاني عوامي آواز” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته افسوس جو مقام آهي گهوٽڪي ضلعي ڪچي جي علائقن ۾ ھڪ طرف ڏوھارين جو راڄ برقرار آهي ته ٻي طرف وري شھرن ۾ آڪڙا پرچي جا ڌاڙيل ڊيلر موجود آهن جنھن سوين ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا آهن گذريل ھڪ سال دوران ھندو برادري جي سچا نند سميت ڪيترائي ماڻھون ڪنگال ٿيڻ بعد خودڪشيون ڪري چڪا آھن پر گھوٽڪي ضلعي جي پوليس سميت مختلف ماڻھون روزانه جي بنياد تي حصو پتي وٺڻ ۾ مصروف آھن جيڪو ظلم آھي، آءِ جي سنڌ ، ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي نه تحريڪ هلائبي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.