انساني حقن جي اڳواڻ ۽ قانوندان نورناز آغا لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي( رپورٽ: محمد علي نقرچ) ناليواري وڪيل،  سماجي ۽ انساني حقن جي اڳواڻ  نور ناز آغا ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي، نور ناز آغ  ڪجهه عرصي کان بيمار هئي ۽ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ سندس علاج جاري هو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، ملير ۾ جنازي نماز بعد کيس وادي حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، نور ناز آغا عورتن ۽ انساني حقن لا پاڻ پتوڙي نالو ڪمايو، نور ناز آغا عورتن جي ترقي، تعليم لاءِ مثالي ڪردار رهي، هن عورتن جي حقن لاءِ سماجي تنظيم قائم ڪئي، وڪيلن خاص ڪري سنڌي وڪيلن جو آواز بڻجي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پاڻ عملي جدوجهد ڪئي، کيس سنڌ جي عاصم جهانگير به ڪوٺيو ويندو هو.03

  • نور ناز آغا  قومپرست ڪارڪنن، عورتن، باندي  مزدورن ۽ ٻين جا ڪيس وڙهيا

ڪراچي: نور ناز آغا  سڄي ڄمار  انساني حقن جي هڪ  پرعزم, بهادر  ۽ سرگرم ڪارڪن رهي. هوءَ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) ۽  هڪ قانوني ماهر جي حيثيت ۾ هن مظلوم  ماڻهن ۽ برادرين ، قومپرست ڪارڪنن، عورتن، باندي  مزدورن ۽ ٻين جا ڪيس وڙهيا. قانون جي حڪمراني لاءِ پاڻ عملي جدوجهد ڪئي، کيس سنڌ جي عاصم جهانگير به ڪوٺيو ويندو هو. 03

  • نورناز  جو  وڇوڙو انساني حقن جي تحريڪ ۽ قومي جدوجهد لاءِ نقصان قرار

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن ۽ وڪيلن، نور ناز آغا جي وڇوڙي کي انساني حقن ۽ سنڌ جي قومي حقن  واري جدوجهد جي لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو آهي ته نور ناز آغا سنڌ جي انهن چند عورتن ۾ شامل هئي، جيڪي مختلف فورمن تي انساني حقن ۽ سنڌ جي قومي حقن جي لاءِ آواز اٿارينديون رهيون آهن. ان سلسلي ۾ نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو ته نور ناز آغا جو وڇوڙو نه صرف انساني حقن جي تحريڪ جو نقصان آهي، پر اهو سنڌ جي قومي جدوجهد جي لاءِ به وڏو نقصان آهي. هن چيو ته نور ناز آغا انتهائي مهذب ۽ انسان دوست وڪيل هئي. هن سدائين پيڙهيل طبقي جي مدد ڪئي، عدالتن ۾ عورتن جي ڪيسن جي پوئيواري ڪندي رهندي هئي. انساني حقن جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته نور ناز آغا انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ پرخلوص عورت اڳواڻ هئي، هوءَ سنڌ ۾ عاصمه جهانگير جي ان سٿ ۾ شامل هئي جنهن سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ خلاف ڀرپور آواز اٿاريو. هوءَ سنڌ قومي اتحاد ۾ شامل رهي. سندس وڇوڙو انساني حقن ۽ سنڌ جي قومي حقن جي تحريڪ جي لاءِ وڏو نقصان آهي. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر چيو ته نور ناز آغا جو ايڇ آر سي پي ۾ وڏو ڪردار رهيو، هوءَ انسان دوست وڪيل هئي. هن چيو ته انساني حقن جي تحريڪ جي حوالي سان عاصمه جهانگير، آءِ اي رحمان ۽ ڊاڪٽر مهدي حسن کانپوءِ نور ناز آغا جو وڇوڙو تمام وڏو نقصان آهي. عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته نور ناز آغا نه صرف وڪيل ۽ انساني حقن جي اڳواڻ هئي، پر هوءِ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سرگرم ڪردار هئي،. ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته نور ناز آغا ڪراچي ۾ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڇپر ڇانور وارو ڪردار ادا ڪندي رهي، هوءَ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ هئڻ سان گڏ قومي درد رکندڙ سنڌ جي انتهائي وڏي عورت هئي.  03

  • نورناز آغا انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو سگهارو آواز هئي: ضمير گهمرو

ڪراچي: بئريسٽر ضمير گهمرو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته نور ناز انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، غريبن لاءِ موثر آواز اٿاريندي  رهي، هن چيو ته نور ناز وڪيلن جو سگهارو آواز رهي، هن سڄي زندگي رول آف لا لاءِ سرگرم رهي ميدان ملهايو.وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ لالا حسن پٺاڻ چيو ته نور ناز انساني حقن خاص ڪري عورتن جي ترقي ۽ انهن جي حقن لاءِ جدوجهد جي علامت رهي، هن چيو ته هن ان دور ۾ وڪالت شروع ڪئي جڏهن عورتون تمام گهٽ اڳتي آيلن هيون، نور ناز ٻين عورتن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ موقعا فراهم ڪيا، نور ناز عورتن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم پاولا جي باني ميمبر به هئي، هن سڄي زندگي عورتن ۽ انساني حقن لاءِ وقف ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.