ڪراچي/ڪوئٽا( م ڊ) ملڪ ۾ چوماسي کان اڳ جي برساتن ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي وهڪرن جو راڄ آهي. ديري اسماعيل خان ۾ سي پيڪ روڊ لڙهي ويو، جنهن سبب ڪيتريون ئي گاڏيون لڙهي ويون آهن. مهمند ۾ سولر پينل ٽٽي ويا، استور ۽ ٻين علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس به معطل ٿي وئي آهي. فيصل آباد،لاهور ۽ راولپنڊي ۾ رستن تي پاڻي بيٺل آهي. چولستان ۾ برسات سبب ترايون ڀرجي ويون آهن. بلوچستان ۾ سبي ۽ ٻين هنڌن تي نديون وهي آيون، هرنائي، ڪوهلو، ديرا بگٽي ۽ ٻين علائقن جو رابطو ڪٽيل آهي. ايبٽ آباد، نٿيا گلي ۾ به برسات ٿي آهي. چترال ۽ نيلم ماٿري ۾ به برف باري ٿي آهي. 03