جوهي ۾ زخمي عورت جو چورن ۽ پوليس خلاف احتجاج

جوهي (ن ع آ)ڪاڇي جي ڳوٺ بازمال  کوسو جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات خاتون پنهنجي پٽ محرم کوسو سان گڏجي تعلقه اسپتال  جي مک گيٽ آڏو احتجاج ڪندي چيو آھي ته گذريل رات دير سان هٿيار بند  سندن گهر ۾ داخل ٿي گهر اندر بيٺل مال ڇوڙي ڪاھي وڃي رهيا هيا ته  سندس پُٽ مزاحمت ڪئي جنهن تان هٿياربندن  سندس پُٽ ۽ کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويا ,اهڙي واقعي خلاف ڊرگه بالا ٿاڻي تي 7 جوابدارن منظور, ڀورل ,پهلوان, اڪرم ,منير, اسرار ۽ حاڪم کوسو خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي مگر ڊرگهه بالا پوليس کين گرفتار ڪرڻ بجاء کين تحفظ فراهم ڪري رهي آھي, هنن چيو ته جوابدار با اثر هئڻ ڪري ڪيس تان هٿ کڻائڻ  ۽ جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن , ھنن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ھٿيارن سان گهر ۾ گهڙي ڦر ۽ حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي , هوڏانهن حملي ۾ زخمي پيرسن عورت کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب سيوهڻ اسپتال رفر ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.