ٺٽي ۾ معدني وسيلن جي رائلٽي جي ٺيڪي ۾ بي قاعدگي، عدالت ٺيڪو روڪي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) ٺٽي ضلعي ۾ معدني وسيلن جِي رائلٽي اوڳاڙي جو ٺيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالت مائنز ۽ منرلز کاتي کي ٺيڪو ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي  تي ڊائريڪٽر جنرل مائنز اينڊ منرل طلب ڪري ورتو آهي . درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته مائنز  ۽ منرل کاتي ٺيڪي جي رقم 21 ڪروڙ 18 لک رُپيا مقرر ڪئي هئي، 30 ڪروڙ جو واڪ ڏيڻ باوجود ٺيڪو نه ڏنو ويو .مائنز اينڊ منرل کاتي درخواست گذار کي بنا سبب ٽينڊرکان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي .عدالت ڊي جي مائينز اينڊ منرلز کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي سنڌ حڪومت کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.