اڄ پاڪستان کي گري لسٽ مان ناهي ڪڍيو ويو: فيٽف صدر

برلن (ويب ڊيسڪ) فيٽف اجلاس جي فيصلن کان آگاهه ڪندي فيٽف جي صدر ڊاڪٽر مارڪوس پليئر اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان سڌارن کي لاڳو ڪيو آهي جيڪي پاڻ ان جي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ سٺا آهن.

هن چيو ته اڄ پاڪستان کي گري لسٽ مان ناهي ڪڍيو ويو جيڪڏهن پاڪستان آن سائيٽ وزٽ وارو مرحلو ڪاميابي سان ماڻي ورتو ته ان کي گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو.

هن چيو ته فيٽف ٽيم جي دوري دوران پاڪستان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته هو ثابت ڪري هن مني لانڊرنگ ۽ دهشتگرد گروپن خلاف فنڊنگ کي اثرائتي طريقي سان اڪلايو آهي.

فيٽف پڌرائي موجب پاڪستان 34 آئٽمز تي ٻڌل پنهنجا ٻه ايڪشن پلان مڪمل ڪري ورتا آهن، پاڪستان جو دورو ڪري شرطن جي پورائي جي تصديق ڪئي ويندي.

فيٽف جو چوڻ آهي ته ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺندي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪيو ويندو، پاڪستان مني لانڊرنگ، دهشتگردي ۽ فنانسنگ روڪن لاءِ سڌارا مڪمل ڪيا.

فيٽف جو چوڻ آهي ته پاڪستان مني لانڊرنگ، دهشتگردي جي فنڊنگ روڪڻ لاءِ سڌارا مڪمل ڪيا، گڏيل قومن جي لسٽ ۾ شامل دهشتگرد گروپن، اڳواڻن جي پراسيڪيوشن تي پاڪستان اڳڀرائي ڪئي آهي، مني لانڊرنگ جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن ۾ به پاڪستان جو هاڪاري رجحان رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.