سنڌ پوليس به پنهنجي هائوسنگ اسڪيم جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس پنهنجي هائوسنگ اسڪيم ٺاهڻ ۽ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته اهو قدم سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيو پيو وڃي.

هن چيو ته مان پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ ڊيپارٽمينٽ سان رابطي ۾ آهيان ۽ التوا هيٺ هائوسنگ پراجيڪٽس تي ڪم جاري آهي ڊيپارٽمينٽ جلد هڪ اسڪيم شروع ڪندو.

اسڪيم تحت سولين قسطن تي پوليس اهلڪارن کي گهر ملي سگهندا ان کانسواءِ هيلٿ ڪارڊ به متعارف ڪرايو ويندو.

هن ڪارڊ سان پرائويٽ اسپتالن ۾ بهترين علاج ۽ وڌ کان وڌ اڍائي لک علاج تي لڳائي سگهبا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.