گهوٽڪي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،عورت سميت 4 زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر)گھوٽڪي ويجھو ڳوٺ محمد عثمان مھر ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مسمات عزت خاتون مھر, مسمات آصيا مھر، مسمات رشيدا مھر ۽ خان محمد مھر شامل آھن, واقعي کان پوءِ زخمين کي تعلقا اسپتال گھوٽڪي داخل ڪيو ويو جن مان ھڪ عورت عزت خاتون مھر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو, ان موقعي تي زخمي عورتن ۽ خان محمد مھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو پوليس جي اسسٽنٽ سب انسيڪٽر شاھ ڏنو مھر وارن سان زمين تي تڪرار ھلندڙ آھي ۽ برادري پاران ڪيترائي ڀيرا راڄوڻي ڪئي وئي آھي پر اھو ڪٿي به منڃڻ لاءِ  تيار نه آھي, ھنن چيو ته اڄ شاھ ڏنو مھر, صدام حسين, انعام حسين ۽ ٻين حملو ڪري ڏنو جنھن سبب ٽن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، اھڙو اطلاع سرحد پوليس کي ڏنو ويو آھي پر پوليس به جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.