اهڙي دوا جنهن جي استعمال سان ڪينسر جا سمورا مريض صحتياب ٿي ويا

آمريڪا ۾ تجرباتي دوا جي استعمال سان هڪ ڪيلنڪل ٽرائل ۾ شامل ڪينسر جا سمورا مريض صحتياب ٿي ويا، جنهن جي دنيا جا چوٽيءَ جا ماهر ۾ حيرت ۾ وٺجي ويا آهن.

رسالي نيو انگلينڊ جرنل ميڊيسن ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ موجب ڊوسٽارليماب نالي تجرباني دوا کي وڏي آنڊن جي ڪينسر جي شڪار هڪ ڊزن مريضن تي آزمايو ويو، دوا جي استعمال سان ڪينسر جي رسولي ختم ٿي وئي جڏهن ته مريض ۾ ڪنهن به قسم جي هاڃيڪار اثرن موجود نه هئڻ جي تصديق ڪئي وئي.

ٽرائل ۾ شامل ميموريل سلون ڪيٽرنگ ڪينسر سينٽر جي ڊاڪٽر لوئس البرٽو چيو آهي ڪينسر جي تاريخ ۾ ائين پهريون دفعو ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ ٽرائل ۾ شامل سمورا مريض ان بيماري کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.

جڏهن ته ٻين ماهرن جو چوڻ آهي ته في الحال اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ٽرائل ۾ شامل مريض واقعي صحتياب ٿي ويا آهن يا اها دوا وڏي آنڊي جي مختلف قسمن جي ڪينسر خلاف پڻ ڪارائتي ثابت ٿيندي.

ٽرائل ۾ ريڪٽم ڪينسر سبب متاثر 12 ڄڻن کي شامل ڪيو ويو هو.

ڪينسر جو اهو قسم ڪيموٿراپي ۽ ريڊي ايشن طريقي جي علاج خلاف مزاحمت ڪندو آهي جنهن سبب مريضن جي متاثر  حصي کي سرجري ذريعي ڪڍڻو پوندو آهي جيڪو سڄي حياتي لاءِ مختلف مسئلن جو سبب بڻجندو آهي.

ٽرائل ۾ شامل مريضن کي ڇهن مهينن تائين هر ٽئين هفتي 500 ملي گرام دوا استعمال ڪرائي وئي.

محققن موجب علاج جي هن نئين طريقي کانپوءِ به مريضن کي ڪيموٿراپي، ريڊي ايشن ٿراپي يا سرجري جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

پر اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته دوا جي استعمال سان سمورن مريضن جو ڪينسر ختم ٿي ويو آهي.

هاڻي ان ٽرائل کي ٻن ورهين کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر اڃا تائين ڪنهن به مريض کي علاج جي ضرورت محسوس ناهي ٿي.

ماهرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نتيجا تمام سٺا نڪتا آهن پر ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن دوا جي فائدن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ٿي سگهي.

ماهرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽرائل جي نتيجن مان اهو اشارو ملي ٿو ته مستقبل ۾ ڪينسر جي ان قسم جي علاج ۾ ڊرامائي تبديلي اچي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.